ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پرٿ:-  ٽئين ۽ فيصلو ڪندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. آسٽريليا کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي. سيريز جو پهريون ميچ برسات سبب بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم ڪيو پر قومي اوپنرز هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيا ۽ بابر اعظم 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. محمد رضوان به پهرين ئي بال تي بولڊ ٿي ويو جڏهن ته حارث سهيل هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ هن 8 رنسون ٺاهيون.  پهريون ميچ کيڏندڙ خوشدل شاهه به صرف 8 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته عماد وسيم 6 ۽ شاداب خان هڪ رنس کان اڳتي نه وڌي  سگهيا. صرف افتخار احمد آسٽريليا جي بالرن سامهون مزاحمت ڏيکاري ۽ هو 34 بالن تي 45 رنسون ٺاهي سگهيو.پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون اسڪور ڪيون. آسٽريليا طرفان اننگز جي شروعات ڪپتان ارون فنج ۽ ڊيوڊ وارنر ڪيو ٻنهي شروعاتي جارحانه انداز اپنايو، ان جو ان باري ۾ آندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن پهرين 10 اوورن ۾ ئي 96 رنسون ٺاهي ورتيون هيون.قومي ٽيم جي بيٽنگ جيان بالنگ به ناڪام رهي. آسٽريليا حدف 12 اوورز ۾ بغير ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو. ڪپتان ارون فنچ 52 جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.