ٽيڪس جي ادائيگي هڪ قومي فرض آهي، ڪوشش آهي ته ٽيڪس نظام کي شفاف بڻايو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد :-  وزيراعظم عمران خان سان ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي ۽ نادرا جي چيئرمين عثمان يوسف مبين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جي حوالي سان کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي سان ٽيڪس ڏيندڙن تي اضافي ٽيڪسن جو ٻوجهه گهٽ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ان سان پري وارن علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ٽيڪس جي ادائيگي هڪ قومي فرض آهي. ان معاملي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو اعتماد بحال ڪرڻ نهايت اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي شفاف بڻايو وڃي، اهڙي طرح هر محب وطن شهري ملڪي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.