ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي ٺٽو ۾ ملهائڻ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سوريهه سنڌي سميت ڪارڪنن تي بغاوت جوڪيس داخل

ٺٽو: ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي ٺٽو ۾ ملهائڻ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سوريهه سنڌي سميت ڪارڪنن تي بغاوت جوڪيس داخل ، مرڪزي اڳواڻن نصير منگي قيوم ابڙو فقير رزاق انڙ يوسف ڪرناڻي سميت ڪيترن ئي نامعلوم قومي ڪارڪنن تي بغاوت چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ نعرا هڻڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تي جيئي سنڌ تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري سوريهه سنڌي چيو ته مون کي فخر آهي ته. رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي پيروي ڪرڻ تان اسان تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو مون لا۽ اعزاز آهي.