ٽوئٽر خاموشي سان لکين اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

لنڊن :- سماجي رابطن جي مشهور مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر ٽوئٽ، ايس ايم ايس سروس بند رکندي خاموشي سان لکين اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا. ٽوئٽر ڪمپني پنهنجي ٽوئٽر سپورٽ پيج تان گذريل سال سيپٽمبر ۾ اعلان ڪيو هو ته صرف ڪجهه هنڌن کان سواءِ سڄي دنيا ۾ ٽوئٽر، ايس ايم ايس سروس يعني موبائيل پيغامن سان ٽوئٽ ڪرڻ بند ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٽوئٽر هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته آهي ته اڪائونٽس جي حفاظت لاءِ هو اهو عمل جاري ڪرڻ چاهين ٿا.ڏٺو وڃي ته ٽوئٽر ايس ايم ايس سروس بند ڪئي وئي آهي پر ان دوران صارفين کي اهم پيغام جيئن اڪائونٽ لاڪ ان ۽ کين مينيج ڪندڙ پيغامن تائين پهچ حاصل هوندي. ياد رهي ته ٽوئٽر طرفان هي قدم ان وقت کنيو ويو هو جڏهن گذريل سال ٽوئٽر جي شريڪ باني ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر(سي اي او) جيڪ ڊورسي جو اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هو پر پيغامن جي سروس ۾ تبديلي جي حوالي سان ٽوئٽر پنهنجي ڀائيوارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته جڏهن ٽوئٽر جي ايس ايم ايس سروس عروج تي هئي ته ڪيترن ئي صارفين ان جي ذريعي ٽوئٽ شيئر به ڪندا هئا اڪائونٽ به ٺاهيندا هئا.
پيغامن جي سروس ۾ تبديلي سان گڏ ٽوئٽر خاموشي سان هاڻ ان لکين اڪائونٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪي مذڪوره سروس تحت  ٺاهيا ويا هئا.