ٽنڊو محمد خان ويجهو نافرمان پٽ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان :- ٽنڊو محمد خان ويجهو نافرمان پٽ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ سمن ملاح ۾ جوابدار اصغر ملاح پنهنجي 48ورهين جي امڙ راستي ملاح کي مٿي ۾ پٿر هڻي قتل ڪيو، واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ علائقي واسي ۽ پوليس پهتي، پوليس جوابدار اصغر ملاح کي گرفتار ڪري ورتو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا عورت جي مڙس غلام حسين ملاح ٻڌايو ته پٽ اصغر ملاح جو دماغي توازن درست ناهي