ٽنڊو آدم ۾ پوليس اهلڪار دوستي نه رکڻ تي گهر ۾ گهڙي 2 نياڻين کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو

ٽنڊو آدم : ٽنڊو آدم ۾ دوستي نه رکڻ تان فائرنگ ڪري 2 نوجوان نياڻيون قتل ڪري ڇڏيون هڪ زخمي پوليس اهلڪار علي رضا يوسفزئي گرفتاري بعد موقف سنگت نه رکڻ تان 21 سالا ماريا شيخ ۽ 24 سالا عاشي شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو 40 سالا پروين شيخ گولي لڳڻ سبب زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل واقعو صبح ٽنڊو آدم خليق الزمان ڪالوني ۾ پيش آيو وارثن جو موقف پوليس اهلڪار منهنجي نياڻين کي تنگ ڪندو رهندو هو جنهن جي شڪايت پوليس کي ڏني هئي والد قتل ٿيڻ وارين نياڻين جا لاش سول اسپتال ٽنڊو آدم آندا ويا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي آء جي نوابشاه نوٽيس وٺي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي