ٽنڊوالهيار ۾ قتل ٿيل ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي جنازي نماز ادا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي :- ٽنڊوالهيار ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي ٽنڊو الهيار ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، قومپرست اڳواڻن سميت شهرين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب الطاف جسڪاڻي کي 4 گوليون لڳيون، 2 گوليون مٿي ۾، هڪ ڪنڌ ۾ ۽ هڪ گولي ٻانهن ۾ لڳي، ڊاڪٽر قادر مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته الطاف جسڪاڻي کي سوچيل سمجهيل سازش تحت قتل ڪيو ويو، لساني تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي، ٻئي پاسي ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ شٽربند هڙتال، گهوٽڪي، بدين، ڪوٽڙي، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو باگو، ڊگهڙي، مورو، ميرپورساڪرو، غوثپور، جروار، نصر پور، نواب ولي محمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند، ايس ٽي پي جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، پوليس جو گشت جاري، ڊگهڙي ۾ گذريل ڏينهن ڇڪتاڻ ۽ هوائي فائرنگ جو ايس ٽي پي جي 14 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو