ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، عوام ماني ڳڀي لاءِ پريشان، انتظاميا اکيون ٻوٽي ڇڏيون

ٽنڊو الهيار:-  ٽنڊو الهيار سميت ضلعي جي ٽنهي تعلقن جھنڊو مري، چمبڙ ۾ روزمرھ جي کاڌي پيتي جي شين جنهن ۾ پٽاٽا، ڀينڊيون، توريون، ٽماٽا، بصر، ساوا مرچ، داڻا، ڦودنو، ڪريلو، گوار ۽ ٻيون ڀاڄيون شامل آهن جي اگھن ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان پوءِ راتون رات 25 کان 30 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي ھن وقت توري 140 کان 160 رپيا، ٽماٽا 120 کان 140 رپيا، ڀينڊيون 120 کان 160،بصر 70 کان 80 رپيا، ساوا مرچ 200 رپيا، عربي120 کان 160رپيا، پٽاٽا 50 کان 60رپيا،ميھا 130 کان 150رپيا، جڏهن تہ کنڊ 82 کان 100 رپيا ڪلو، گيھ 140 کان 160رپيا، چانور 80 وارا 100، رپيا ڪوڪنگ آئل150 کان 170 رپيا، اٽو 50 کان 65 رپيا ،في ڪلو سان گڏ چانھه پتي، داليون شامل آهن جا اگھه آسمان سان ملائي ڇڏيا آهن، جيڪي غريب مسڪين ماڻهن جي خريد جي پھچ کان مٿي آهن، جڏهن تہ فروٽ فروشن بہ ڪريانہ دڪاندارن وانگي ٻيڻ، ٽيڻ تي ڪري ڇڏيا آهن، ۽ پنھنجي مرضي جا اگھ مقرر ڪري ضلعي جي غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لٽي رهيا آهن ھوڏانھن کاڌي پيتي جي روزمرھ شين جي اگهن لاءِ مارڪيٽ ڪميٽي ٽنڊوالهيار غير فعال ھئڻ ڪري واپارين توڙي دوڪاندارن کي روزانو جي بنياد تي جاري ٿيندڙ ڪنٽرول پرائز لسٽ فراھم نہ ڪرڻ سان واپاري توڙي دڪاندار ۽ ريڙھي وارن پنهنجي مرضي جا ريٽ رکي ھتان جي لاڪ ڊائون متاثر ماڻهن کي ٻنهي ھٿن سان ڦريو پيو وڃي، ٻي پاسي ھتان جي سياسي سماجي، مذهبي، تنظيمن جي اڳواڻن کان علاوه غريب عوام ضلعي ٽنڊوالهيار جي نااھل سست انتظاميه جي خاموشي تي حيرت جو اظهار ڪندي وزيراعظم پاڪستان، صدر پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي تہ خدارا ملڪ جي لاڪ ڊائون دوران متاثر بيروزگار ٿيندڙ غريب مائروڙن جي فوري داد رسي ڪري کين خودڪشين کان بچايو وڃي، ۽ ضلعي اندر مھانگائي مافيا واپارين، دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.