ٽماٽا، بصر، دال، اٽو، گيهه ۽ کنڊ جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

اسلام آباد :- شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ هجڻ وارين وفاقي سرڪار جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ٽماٽا، بصر، دال، اٽو، گيهه ۽ کنڊ جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. شماريات کاتي طرفان نومبر مهيني ۾ مهانگائيءَ جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ اندر آڪٽوبر مهيني جي ڀيٽ ۾ نومبر ۾ مهانگائي 1.34 سيڪڙومهانگائي وڌي آهي. رڳو پنج مهينن دوران مهانگائيءَ ۾ رڪارڊ اضافو شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته سال 2018ع جي ڀيٽ ۾ 2019ع دوران مهانگائيءَ جي شرح12.67 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي پنج مهينن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ 10.80 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ٽماٽا، بصر ۽ پٽاٽا مهانگا ٿي ويا شماريات کاتي جي انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ساليانو بنيادن تي نومبر مهيني دوران ٽماٽن جي اگهن ۾ 436 سيڪڙو رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سال ۾ بصر 156 سيڪڙو، مڱن جي دال 54 سيڪڙو ۽ پٽاٽا 42 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته دال ماش 41 سيڪڙو ۽ تازين ڀاڄين جي اگهن ۾ به چاليهه سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. جڏهن ته آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ نومبر مهيني دوران ٽماٽن جو اگهه 149 رڪارڊ ڪيو ويو.کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو شماريات کاتي جي انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رڳو هڪ سال ۾ کنڊ 33 سيڪڙو، مکڻ 31 سيڪڙو، چانهه 17 سيڪڙو، اٽو ۽ گيهه 17 سيڪڙو ۽ گوشت 13 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو.