ٽرپل سينچري پوري ڪندڙڌوني پهريون ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو

نئين دلي (رانديون ڊيسڪ): مهندر سنگهه ڌوني ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ٽرپل سينچري پوري ڪندڙ پهريون ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو. تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهندر سنگهه ڌوني ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ٽرپل سينچري پوري ڪندڙ پهريون ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو.ان فهرست ۾ پاڪستان جو شعيب ملڪ ۽ ويسٽ انڊين اسٽارز ڪرس گيل ۽ ڊوائن براوو به موجود آهن، آل رائونڊر ڪيرون پولاڊ 446 ميچون کيڏي سڀني کان اڳتي آهي.ڌوني اهو سنگ ميل آچر تي نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ شريڪ ٿي پار ڪيو، ڌوني ان کان اڳ ڀارت لاءِ ون ڊي انٽرنيشنل ميچون کيڏندڙ اظهرالدين جي رڪارڊ ۾ حصيدار به بڻيو آهي.ياد رهي ته ٻنهي پليئرز گڏيل طور تي 334 ميچون کيڏيون آهن، ان معاملي ۾ ٽنڊولڪر 463 مقابلن سان سڀني کان مٿي آهي.