ٽرين جو نظام تباهه لڳو پيو آهي، سموريون حددخليون ختم ڪرايون وڃن: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پٽڙين سان گڏ سموريون حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خسارو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پٽڙين سان گڏ عمارتون ٺاهيون ويون آهن، ريل گاڏيون ڪيئن هلنديون، رپورٽ ۾ تصويرون لڳايون وڃن، ان سان ته ڪجهه خبر نٿي پوي، ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي طرفن تعميرات ٿيل آهن، اوهان جي ٽريڪ سان گڏ بلڊنگ ٺهيل آهن، ٽرين ڪيئن هلندي، سي اي او ريلوي جو چوڻ هو ته سنڌحڪومت سان گڏجي سموريون حددخليون ختم ڪنداسين، چيف جسٽس چيو ته ٽرين جو نظام تباهه لڳو پيو آهي، سموريون حددخليون ختم ڪرايون وڃن، اوهان پاڻ وڃي اُتي ڏسو ڪيتري حد تائين حددخليون آهن، چيف جسٽس سي اي او ريلوي کان استفسار ڪيو ته سرڪاري زمين جي اوهان کي پرواهه ڪونهي، ٽريڪٽر ڪاهي وڃو ۽ سموريون حددخليون ختم ڪرايو، جسٽس فيصل عرب چيو ته ريلوي پٽڙي سان گڏ چار فٽ فاصلي تي بلڊنگز ٺهيل آهن، ريلوي جي پاسي ۾ ٻنهي پاسن ۾ جاءِ ڇڏڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته انڊر پاسز ٺاهڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا آهن، ٽن مهينن ۾ 10 انڊر پاسز ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ سرڪار جي عملدارن ٻڌايو ته ايف ڊبليو او تمام پاسز جي سروي مڪمل ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته زمين تي ڪهڙو ڪم ٿيو آهي، اهو ٻڌايو وڃي، سنڌ حڪومت جي عملدارن ٻڌايو ته ايف ڊبليو سروي ۽ لاڳت جي حوالي ٻڌائي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو ته هي ڪم ته ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ هو . عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ڪيترو وقت لڳندو. عملدارن ٻڌايو ته ايف ڊبليو ۽ ريلوي جا معاملا فائنل ٿي وڃن ٿا ته 6 هفتن ۾ مڪمل ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته سنڌ سرڪار جي طرفان ته ڪا رڪاوٽ ڪونهي، چيف جسٽس چيو ته ريلوي جي سموري زمين حددخلين کان خالي ڪرائي وڃي، 16 سالن کان پهريان ٽريڪ ڪيئن هئا، اهي حددخليون ڏسو.