ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ ڪري زراعت ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو

ڪراچي :- پنجاب ۾ لاڪ ڊائون باوجود ٻِج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا دڪان توڙي پيڍيون کليل، آبادگارن جي مطالبي باوجود سرڪار اناج منڊين، ٻِج، ڀاڻ کي کاڌ خوراڪ واري سيڪٽر ۾ شامل ڪري ڇوٽ نه ڏني، ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اٽي جي بحران جو خدشو، تازين برساتن ۽ ڳڙي سبب کَرن ۾ پيل ڪڻڪ کي ڪاپاري نقصان رسيو، ميرپورخاص ۽ سکر ڊويزن ۾ ڪڻڪ جا لابارا رُڪيل، خريف جي ناڻي وارن فصلن ڪمند، مرچ، سارين جي آڳاٽي پوکي نه ٿي سگھي آهي. سنڌ ۾ اناج منڊيون، زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ زرعي ٻِج جا دڪان بند هئڻ واري معاملي بابت خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻن سان رابطو ڪري کين خاطري ڪرائي آهي ته جلد زرعي شعبي سان لاڳاپيل دڪان کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اهڙي خاطري باوجود ڪالهه تائين زراعت کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته زراعت کاتي جي اختيارين رابطو ڪري خاطري ته ضرور ڪرائي آهي پر اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، پنجاب حڪومت اناج منڊين کان وٺي پيسٽي سائيڊ ۽ ڀاڻ جي دڪانن کي کاڌ خوراڪ واري سيڪٽر ۾ شامل ڪري لاڪ ڊائون کان آجو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اهڙي ڇوٽ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهي آهي، اسان کي اهو چيو ويو آهي ته زراعت وارن معاملن بابت حتمي فيصلو وزيراعليٰ ڪندو، هن چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ ڪري بدين ۾ ٽماٽي جو اگھه گھٽجي 5 رپيا في ڪلو تي پهتو آهي، زرعي دوائون نه ملڻ ڪري ڀينڊيون ۽ ميها سڙي تباھ ٿي رهيا آهن، ڪڻڪ جي اوپن مارڪيٽ توڙي خوراڪ کاتي پاران خريداري نه ڪرڻ سبب هاري توڙي آبادگار روڪ رقم لاءِ واپارين کان اوڌر وٺڻ تي مجبور آهن. جيڪي پڻ موجوده صورتحال ۾ اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي طرف سنڌ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ گڏيل طور تي وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته زرعي معيشت کي بچائڻ لاءِ زراعت سان لاڳاپيل ٻِج، ڀاڻ، زرعي دوائن، ٽريڪٽر ٽرالين،، لاباري جي مشينري جي سپلاءِ توڙي خريداري لاءِ لاڳاپيل دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.