ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، قبضي سبب مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا، وفاق کي ٽن ڏينهن اندر صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي: بلاول زرداري

ڪراچي :- مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جو سياسي طاقت جي مظاهري لاءِ سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ پاور شو ڪيو ويو. جليسي دوران پي ٽي آءِ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم جو ڪراچي واسين لاءِ هڪ هزار ارب جي پيڪيج جو اعلان دوکو ثابت ٿيو، ملڪ ۾ هر شيءِ تي پابندي آهي، ٽي وي چينلز، اخبارن کان بعد ٽڪ ٽاڪ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، پر بُکايل ٻارڙن جي روئڻ تي ڪيئن پابندي لڳائيندئو؟، اسان کي گرفتار ڪرڻ جو شوق ڀلي پورو ڪري وٺو پر عوام خاموش نه ويهندو، عوامي طاقت آڏو ظالم بيهي ناهن سگهندا، سليڪٽڊ شخص جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي مذمت ڪندي چيو ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، قبضي سبب مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا، وفاق کي ٽن ڏينهن اندر صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪا ناڪام بڻائينداسين.