ٻيٽن واري معاملي تي عوامي اڀار ۽ سياسي اڳڀرايون: ليکڪ نصير ميمڻ

سنڌ جي ٻن ٻيٽن تي عوامي هلچل ۽ اڀار کي ويهارو کن ڏينهن مس گذريا آهن پر جنهن طرح سنڌواسين هڪ منظم ۽ پرامن جدوجهد واري عوامي ردعمل سان وفاقي حڪومت جي غيرآئيني آرڊيننس ۽ سنڌ سرڪار پاران وفاق سان ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل لک پڙهه کي رد ڪيو آهي، ان سان ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اهو اندازو ضرور ٿي ويو هوندو ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ وسيلن سان هٿ چراند ايتري سولائيءَ سان هضم نه ٿي ڪري سگهجي. البته وفاقي سرڪار جو اڳرائيءَ وارو رويو ۽ صوبائي سرڪار جي ٿڌي ٿڌي مخالفت ٻڌائي ٿي ته معاملو گهڻو ڳنڀير آهي ۽ ان معاملي تي سنڌ واسين جي جند سولي نه آجي ٿيندي. سنڌواسين کي انهن ٻيٽن واري معاملي تي ڊگهي ۽ گهڻ پاسائين جدوجهد هلائڻ جو پراڻو تجربو آهي. ون يونٽ مخالف هلچل کان وٺي ٻٽي مڪاني نظام تائين سنڌواسي مختلف معاملن تي پرامن ڊگهي جدوجهد وسيلي مزاحمت ڪندا رهيا آهن. هن وقت ٻيٽن وارو معاملو به اهڙي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته اهو تڪڙو نبيرجي نه سگهندو. وفاقي حڪومت نه رڳو ٻيٽن تي ناجائز قبضو ڪري چڪي آهي پر انهن تي اڏاوتن جي لاءِ مختلف اڀياس ڪرڻ لاءِ اشتهار به جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان صورتحال ۾ عوامي اڀار کي هڪ مستقل مزاجيءَ واري هلچل جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ٻيٽن واري معاملي تي عوامي اڀار، ڪيترن ئي حوالن سان ٻٽي نظام واري عوامي ردعمل سان ملندڙ جلندڙ آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جن قومي معاملن تي سنڌواسين پرامن عوامي جدوجهد سان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، انهن ۾ ڪلاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ جا ٽي او آرز، ٻٽو مڪاني نظام ۽ ٻيٽن وارو معاملو شامل آهن. ياد رهي ته ٻيٽن واري معاملي تي ان قسم جي هڪ ڪوشش کي 2006ع ۾ عوامي احتجاج سبب ناڪامي نصيب ٿي هئي. انهن سمورين جدوجهدن ۾ حاصل ٿيل ڪاميابي پٺيان هڪ جهڙن فيڪٽرز کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جي آئيني حقن مٿان لڳاتار لڳندڙ راتاهن جي رستي روڪ ڪري سگهجي.
اهي سموريون تحريڪون هڪ وسيع تر عوامي يڪراءِ جي نتيجي ۾ اڀريون ڪن موقعن تي ته سياسي پارٽيون پوءِ اڳيان آيون، عوامي ردعمل عام ميڊيا يا سوشل ميڊيا وسيلي اڳي ئي سامهون اچي چڪو هو. سنڌ جي سياسي، سماجي ورڪرن، سول سوسائٽي، ليکڪن ۽ صحافين انهن اشوز کي نهايت سگهاري نموني اڀاريو ۽ سياسي پارٽين ان عوامي ردعمل کي سياسي تحريڪ ۾ بدلائي وڌيڪ سگهارو ڪيو. عوامي جاڳرتا ۽ يڪجهتي ان سياسي عمل پٺيان اصل سگهه هيون.
انهن معاملن تي هليل عوامي ۽ سياسي جدوجهد وٽ مضبوط تحقيقي ڪم ۽ دليل به موجود هئا، انهن سمورن معاملن تي آئيني پاسن قانوني، سماجي اثرن، عالمي تجربن جهڙن اهم رخن تي سنڌ ۾ تمام گهڻو تحقيقي مواد مهيا ڪيو ويو. انهن حوالن ۽ دليلن کي اخباري مضمونن، ٽي وي پروگرامن، سيمينارن، ڪتابڙن، پمفليٽن ۽ سوشل ميڊيا وسيلي ايترو عام ڪيو ويو، جو هر سنڌواسيءَ کي سمجهه ۾ اچي ويو ته انهن معاملن تي رڳو جذباتي نه پر عقلي دليل به موجود ناهن، جن سان سنڌ کي ٿيندڙ نقصان بابت عوامي سمجهه ۽ جاڳرتا پيدا ٿي. ڪيترن ئي ملڪي توڙي بين الاقوامي فورمز تي سنڌ جي دليلن کي مڃتا ملي. مون کي ياد آهي ته ٻٽي مڪاني نظام واري معاملي تي سنڌ مان ليکڪن ۽ سول سوسائٽي ڪارڪنن جي هڪ وفد ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد جي سول سوسائٽي ۽ صحافين/ليکڪن سان ملاقاتون ڪيون هيون، جنهن سان سنڌواسين جي جدوجهد کي ملڪي سطح تي اخلاقي واهر حاصل ٿي هئي. ساڳي طرح ٻين معاملن تي به سڄي ملڪ ۾ سنڌواسين جي دليلن ۽ انگن اکرن تي ٻڌل ڪيس کي پٺڀرائي حاصل ٿي ۽ مڃتا ملي، ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي سنڌ ۾ جيترو تحقيقي ڪم ٿيو ۽ دستاويز تيار ٿيا. ايترو ڪم ملڪ اندر ڪنهن به ٻئي تڪراري معاملي تي نه ٿيو هوندو.
انهن سمورن معاملن تي سڄي سنڌ ۾ هڙتالون به ٿيون، عوامي ميڙاڪا به ٿيا، ڌرڻا به لڳا ۽ جدوجهد جا سمورا طريقا استعمال ڪيا ويا، پر هڪ ڳالهه سنڌواسين کي سياسي ۽ اخلاقي مٿڀرائي ڏني ته اهي سموريون جدوجهدون پرامن هيون، ڪنهن به موقعي تي سنڌواسين پنهنجي چڙ ۽ ڪاوڙ کي تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ نه ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو رياست جي قانون لاڳوڪندڙ ادارن کي اهي جدوجهدون تشدد وسيلي چٿڻ جو موقعو نه مليو. اهي جدوجهدون ڪنهن به نسلي يا لساني ٽڪراءُ ۾ تبديل نه ٿي سگهيون، بلڪه سنڌ ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌواسي انهن عوامي جدوجهدد جو حصو به بنيا، ان تجربي مان انهن ڌرين کي اهو سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته اڄوڪي عالمي وايومنڊل ۾ پرامن جمهوري طريقن واري جدوجهد کي وڌيڪ عوامي موٽ ملي ٿي ۽ انهن سان گهربل نتيجا به حاصل ٿين ٿا. اڄوڪي عالمي وايومنڊل ۾ پرتشدد طريقن کي ڪا به حمايت حاصل نه ٿي ٿئي، بلڪه قانون لاڳو ڪندڙ ڌريون انهن واقعن کي بنياد بنائي تشدد جو استعمال ڪري عوامي جدوجهدن کي چيڀاٽين ٿيون، جنهن سان فائدي بجاءِ نقصان پلئه پئي ٿو. سماج جي سمورن حلقن کي گڏ کڻي هلندڙ جدوجهدون پرامن ۽ عوامي ٻڌيءَ جي بنياد تي وڌيڪ جٽادار نتيجا ڏين ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کان ڪالاباغ ڊيم خلاف ۽ پاڻيءَ جي منصفياڻي ورڇ لاءِ هلندڙ جدوجهد دوران تشدد جو ڪو به وڏو واقعو پيش ناهي آيو. سنڌ کي پرامن عوامي ٻڌي ۽ دليل تي ٻڌل سياسي جدوجد ئي گهربل نتيجا ڏيندي.
انهن معاملن تي سنڌ جي سياسي جماعتن وچ ۾ اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن، ڪڏهن گڏيل ته ڪڏهن الڳ الڳ احتجاج ٿيندا رهيا آهن، پر سٺي ڳالهه اها رهي آهي ته سمورين ڌرين جي موقف ۾ هڪ جهڙائي رهي آهي. سياسي رستا يا نظريا الڳ هجڻ توڙي شخصي رٿائن يا تڪرارن سبب گڏيل جدوجهد جو ماحول مستقل شڪل اختيار ناهي ڪري سگهندو، پر موقف جي هڪ جهڙائي عوامي راءِ کي هڪ ئي دڳ تي هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي رهي ٿي. ائين به ٿيو آهي ته جڏهن انهن معاملن تي ڪنهن هڪ ڌر احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ته ٻين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پنهنجي اڳواڻن/ پارٽين جي سطح تي اتحاد نه هجڻ جي باوجود انهن احتجاجن ۾ شرڪت ڪئي آهي. اهو وسيح بنيادن وارو عوامي اتحاد، پارٽين ۽ اڳواڻن جي اتحاد کان وڌيڪ ضروري آهي، جيڪو عوامي حقن جي جدوجهد کي سگهارو ۽ سوڀارو ڪري ٿو.
سنڌ جي سياسي پارٽين انهن معاملن تي صلاح مصلحت واري عمل کي وسيح بنيادن تي رکيو آهي، جنهن ۾ مختلف خيال رکندڙ سياسي پارٽيون، ليکڪ، سول سوسائٽي ڪارڪن، صحافي، قانوني ماهر، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ٻين صوبن جي سياسي اڳواڻن کي به شامل ڪيو ويندو آهي. گهڻ _ڌري ڳالهه ٻولهه ۽ عملي قدمن ۾ سڀني جي شرڪت نه رڳو عوام کي گڏيل نياپو ڏئي متحرڪ ڪري ٿي، پر ملڪ جا فيصلا ڪندڙن کي به نياپو ڏئي ٿي ته هنن سوالن تي سڄي سنڌ جو عوام هڪ راءِ آهي، تنهن ڪري ان ڏس ۾ ڪنهن هوڏ کان ڪم وٺڻ جا نتيجا بهتر نه نڪرندا.
ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ لڳاتار پنهنجي وجود ۽ وسيلن جي لاءِ جدوجهد ۾ رهي آهي، ملڪ جا واڳ ڌڻي ملڪي تاريخ ۾ وڏا نقصان کڻڻ کانپوءِ به سبق سکڻ لاءِ تيار ناهن. لڳاتار ڇڪتاڻ ۽ سياسي بيچينيءَ جي نتيجي ۾ نه رڳو ملڪ ۾ سياسي جٽاءُ نه ٿو اچي، پر ملڪي معيشت، پرڏيهي ناتا به لڳاتار ڊسٽرب رهن ٿا. ان صورتحال جو نتيجو اهو آهي جو اڄ ملڪ جو اڪثريتي عوام هن ٽڪراءَ واري نظام کان بيزار آهي. ملڪي معيشت لڳاتار خساري ۾ آهي. مهانگائي عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هر پاڙيسري ملڪ سان ناتا بگڙيل آهن ۽ انساني ترقيءَ جا سمورا اهڃاڻ هيٺين سطح تي آهن.
سنڌ واسي پرامن جموري ۽ منصفاڻي نظام لاءِ روز ڪنهن اشوءَ تي جدوجهد ۾ رُڌل رهن ٿا ۽ اهو سفر کٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. ٻيٽن واري معاملي تي به سنڌواسي پنهنجي جدوجهد کي ساڳي حڪمت عمليءَ سان جاري رکندا. معاملو رڳو ٻن ٻيٽن جو نه پر سنڌ جي وحدت جو آهي، ٻيٽ ته رڳو هڪ وڏي رٿا جي شروعات آهن.