ٻيلن توڙي مختلف واھن ۽ شاخن تان وڻن جي واڍي جنگلي جيوت کي به تمام گهڻو نقصان

ميرپور ماٿيلو :- ٻيلن توڙي مختلف واھن ۽ شاخن تان وڻن جي واڍي سبب ماحول کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ سخت گرمي پوڻ جو ڪارڻ به وڻن جي واڍي آهي وڻن جي واڍي سبب جتي انسان ذات سخت متاثر ٿي آهي اتي جنگلي جيوت کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، وڻن جي واڍي سبب مال مويشي، پکي به ڏاڍو متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب سنڌ مان ڪيترائي پکي پُڻ ناياب ٿيندا پيا وڃن اهڙن پکين مان هڪ خوبصورت پکي طوطو به آهي طوطو مختلف ٻوليون ٻوليندو آهي، جنهن سبب شوقينن سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻار توڙي وڏا خوش ٿيندا هئا ۽ طوطي کي شوقين پيار مان مِٺُو سڏيندا آهن، جيڪو پکي طوطو هن وقت ناياب ٿي ويو آهي. اٽڪل 15 – 20 سال اڳ جڏهن واهن جي ڪپن توڙي زمينن ۾ وڏا وڏا سرينهن ۽ پپل سميت مختلف وڻ هوندا هئا ته ڪيترائي طوطا اهڙن وڻن ۾ رهندا هئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سرڪاري ڪامورن جي ملي ڀڳت سان علائقي واسين نه صرف طوطن جا ٻچا ڪڍي قيدي بڻايا پر آهستي آهستي اهڙا وڻ به وڍي ڇڏيائون جنهن ڪري طوطو پکي سميت مختلف پکي هي علائقو ڇڏي ويا آهن اهڙي ريت فطرت کي حسن بخشيندڙ هي خوبصورت پکي هن علائقي کان ڪوهين ڪوهين ڏور هليا ويا آهن جنهن سبب شوقين سخت پريشاني واري حالت مان گذري رهيا آهن.ان حوالي سان جنگلي جيوت کاتو توڙي ماحول دوست تنظيمون خاموش بڻيل آهن جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ جا خوبصورت پکي هي علائقا ڇڏي هليا ويندا ۽ ناياب ٿي ويندا جنهن سبب فطرتي سونهن خراب ٿي ويندي، هوڏان ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي ۽ ناياب پکين جي شڪار تي مڪمل پابندي لڳائي سخت کان سخت سزائون تجويز ڪيون وڃن ته جيئن فطرت جي سونهن کي نقصان کان بچائي سگهجي ۽ پکين کي ناياب ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن فطرتي سونهن برقرار رهي سگهي.