ٻه هزار ويهه جا سستا ۽ پائيدار ايئرپوڊز جيڪي اوهان به استعمال ڪري سگهو ٿا

لنڊن:- سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ايئرپوڊز متعارف ڪرائي چڪيون آهن جڏهن ته ايپل جا ايئرپوڊز خريد ڪرڻ هر عام انسان جي وس کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن اوهان قيمت وڌيڪ هجڻ سبب ايپل جا ايئرپوڊز خريد نٿا ڪري سگهو ته اسان اوهان کي سال 2020 جي سستن ۽ پائيدار ايئرپوڊز جي باري ۾ ٻڌائينداسين.اسڪل ڪينڊي جب ٽرو: آمريڪي ڪمپني اسڪل ڪينڊي جي ايئرپوڊز جي قيمت ايتري آهي جنهن کي خريد ڪرڻ کيسي تي ڳرو ناهي پوندو جڏهن ته جيڪڏهن ان جي ڊيزائن ۽ پائيداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اها به بهترين آهي. اسڪل ڪينڊي جو جڏهن ٽروائير پوڊز جي قيمت 30 ڊالرز آهي يعني پاڪستاني لڳ ڀڳ 4 هزار 822 روپيه. ايئرپوڊز  هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي لاڳيتو 6 ڪلاڪن جو بيڪ اپ  ڏيندا آهن.ون پلس بڊززي: ون پلس بڊززي گهٽ قيمت ۾ ڪيترن ئي فيچرز سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ان ايئرپوڊز جي قيمت 50 ڊالر آهي يعني پاڪستاني تقريبن 8000 روپيه. ان ايئرپوڊز ۾ آٽو پوز فيچر آهي يعني اوهان ان ايئرپوڊز کي جيئن ئي ڪن مان ڪڍندو ته هي پنهنجو پاڻ ئي بند ٿي ويندا.سوني ڊبليو ايف –ايڪس بي سيون هنڊريڊ ايئربڊز: سوني جا ڊبليو ايف ايڪس بي 700 ايئربڊز جي سڀني کان خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي چارج ڪرڻ کان پوءِ هي 9 ڪلاڪن تائين جو بيڪ اپ ڏيندا آهن. هن ايئربڊز جي قيمت هونئن ته 100 ڊالرز آهي پر عام طور تي هي سيل ۾ 69 ڊالرز جا خريد ڪري سگهجن ٿا