ٻاويهه ڪلاڪن کان گم سينئر صحافي علي عمران گهر پهچي ويو : ذهني اذيتن جو شڪار آهي؛ وارثن جو انڪشاف

ڪراچي : ڪراچي ۾ گم ٿي ويل صحافي علي عمران 22 ڪلاڪن بعد ظاهر ٿي ويو. وارثن تصديق ڪندي چيو آهي ته علي عمران گهروارِي سان فون تي رابطو ڪري ٻڌايو ته هُو ماءُ جَي گهر پهچي ويو آهي، سندس گهروارِي موجب علي عمران ٻڌايو ته کيس جسماني طور ڪو به نقصان ناهي پهچايو ويو پر هن وقت هُو ذهني اذيتن جو شڪار آهي، واقعي جو ڪيس سچل ٿاڻي تي سندس ڀاءُ جِي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اغوا سميت مختلف قلم شامل ڪيا ويا، علي عمران جِي بازيابي کان اڳ سنڌ جَي وڏي وزير آءِ جِي سنڌ کي سندس بازيابي جِي هدايت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته صحافي جو غائب ٿيڻ اظهار جِي آزادي ۽ انساني حقن جِي ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم عمران خان به صحافي جَي گم ٿيڻ جو نوٽيس ورتو هو.