ٺٽي ڀرسان ڪراچي واسين جي ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت

ٺٽو :- ٺٽي ڀرسان ڪراچي واسين جي ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پير پٺو – بگهاڙ موري روڊ ته تيز رفتار ڪوسٽر ڪلٽيون کائيندي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ٻارن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 4 سالن جو اسد، 5 ورهين جي انيلا خان، 4 سالن جي افشان ۽ هڪ عورت ريشمان ڌيءُ جبار شامل آهن. حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جِن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ سمرين، عائشه، فرزانه، شمائلا، سونيا ۽ ٻيا شامل آهن. سول اسپتال ٺٽو جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، جِن کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون جا رهواسي ڪوسٽر ذريعي ٺٽو ڀرسان درگاهه پير پٺو تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. فوتين ۽ زخمين جو واسطو اورنگي ٽائون سان آهي.