ٺٽو ۾ عوامي رابطا تحريڪ جي سڏ تي آئرلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف پيادل مارچ

ٺٽو : سنڌ جي ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي وفاقي والار خلاف احتجاجن جو جسلسلو جاري، ٺٽو ۾ عوامي رابطا تحريڪ جي سڏ تي آئرلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف پيادل مارچ، ٺٽو کان ملڪي تائين مارچ جي قافلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن جي شرڪت، ٻيٽن تي قبضو نامنظور جا نعرا، مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن طرفان ٻيٽن تي قبضو ختم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي، اڳواڻن  جو چوڻ هو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ سرڪار ۽  وفاقي سرڪار سنڌ خلاف سازشون بند ڪن، مارچ ۾ شامل سنڌ جي نياڻين چيو ته اسان نياڻيون سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف رستن تي آهيون، اسان جي جدوجهد جاري رهندي