ٺٽو ويجهو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت

ٺٽو:- مڪلي باءِ پاس ويجهو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت ٿي پيا. چوهڙ جمالي ڀرسان درگاهه شاهه يقيق تان زيارت بعد واپس ڪراچي ويندڙ هاءِ روف ڪيري سوار حادثي جو شڪار ٿي ويا، مڪلي باءِ پاس تي گندرا ڳوٺ وٽ ڪيري مزده سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هاءِ روف ڪيري ۾ سوار نينگر مومن ميمڻ، عورت عاصمه ۽ حمزو ميمڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته فيصل ميمڻ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي مڪلي سول اسپتال پهچايو ويو، جتان ٻن زخمين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو.