ي ڊي ايم ڪراچي ۾ آءِ جي کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- پي ڊي ايم ڪراچي ۾ آءِ جي کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم کي جواب ڏيڻو پوندو ته آءِ جي سنڌ کي اغوا ڇو ڪرايو، آءِ ايس آءِ کي غيرقانوني حڪم ڇو ڏنو؟ سوال پيدا ٿئي ٿو ته وفاق جي ماتحت ٻنهي ادارن وزيراعظم جي غيرقانوني حڪمن کي ڇو مڃيو؟ اُميد هئي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي واقعي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي، پر سيڪريٽريز جي بدلين تي نوٽيس وٺندڙ عدالتون به آئين جي ڀڃڪڙي ۽ صوبائي خودمختياري مٿان حملي تي خاموش آهن، واقعي جا پيرا وزيراعظم هائوس ڏانهن وڃن ٿا، سنڌ جي گورنر جي قرباني سان ڪم نه هلندو.