يوڪرائن ۾ فوجي جهاز ڪِري تباهه، 26 ڄڻا فوت

يوڪرائن :- يوڪرائن جي اوڀرين حصي ۾ هڪ فوجي جهاز تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا. اطلاعن موجب خارڪيف جي علائقي ۾ ٿيندڙ ان حادثي ۾ ٻه ڄڻا معجزاڻي طور بچي ويا. متاثرن مان گهڻو انگ يوڪرائن جي ايئر فورس يونيورسٽي جي ڪيڊٽس جو هو، جيڪي هڪ تربيتي اڏام ۾ حصو وٺي رهيا هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته اينٽونوف اي اين 26 جهڙو جهاز لينڊنگ لاءِ تياري ڪري رهيو هو ته هڪ انجڻ بند ٿيڻ سبب اهو حادثي جو شڪار ٿي ويو