يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارڪيٽ کان گهٽ ۽معياري شيون فراهم ڪندي:ترجمان

اسلام آباد:- يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميه صارفين کي مارڪيٽ جي اگهه کان گهٽ ريٽ ۽ معياري عام واهپي واريون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. گذريل ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو ته گذريل 4 مهينن دوران صارفين جي سهولت لاءِ هڪ ئي ڇت هيٺان سموريون عام واهپي واريون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارپوريشن انتظاميه ۽ ورڪرز ڏينهن رات محنت ۾ رڌل آهن، جنهن جي نتيجي ۾ يوٽيلٽي جي سيل هڪ ارب رپين کان وڌي وئي آهي.