يورپ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڌيڪ 3 هزار 465 ماڻهو فوت

بيجنگ :-  سڄي دنيا ۾ وڌيڪ 7 هزار ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 65 هزار 600 ٿي ويو  آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 12 لک 13 هزار 199 تائين پهتو آهي. اٽلي ۾ وڌيڪ 300 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 15 هزار 400 ٿي ويو آهي. اٽلي ۾ متاثرن جو انگ هڪ لک 24 هزار 632 ٿي ويو آهي. فرانس ۾ وڌيڪ هڪ هزار 55 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 7 هزار 560 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ وڌيڪ هڪ هزار ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ  انگ 8 هزار 454 ٿي ويو، جڏهن ته ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 3 لک 11 هزار 637 ٿي ويو آهي. اسپين ۾ وڌيڪ 471 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 12 هزار 418 ٿي ويو آهي. اسپين ۾ 4 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک 30 هزار 759 ٿي ويو آهي. برطانيا ۾ فوتين جو انگ 4 هزار 313 ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ 41 هزار 903 ٿي ويو آهي. جرمني ۾ وڌيڪ 153 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 444 ٿي ويو آهي. جرمني ۾ متاثرن جو انگ هڪ لک ويجهو پهچي ويو آهي. نيڌرلينڊ ۾ هڪ هزار 651 ۽ بيلجيئم ۾ هڪ هزار 283 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ايران ۾ وڌيڪ 200 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 3 هزار 452 ٿي ويو آهي. ايران ۾ 2 هزار 560 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 55 هزار 743 ٿي ويو. ترڪي ۾ وڌيڪ 76 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ وڌي 501 ٿي ويو آهي. بئلجيم ۾ 140 ۽ نيڌر لينڊ ۾ 164 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سوئٽزرلينڊ ۾ 50، ڊينمارڪ ۾ 22، جرمنيءَ ۾ 55 ۽ پرتگال ۾ 20 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. سوئيڊن ۾ 16،  آسٽريا ۾ 18، انڊونيشيا ۽ ميڪسيڪو ۾ 10-10، روس ۾  9 فوت ٿي ويا آهن. رومانيا ۽ فلپائن ۾ 8-8،  هنگري ۾ 6، يونان، سعودي، اسرائيل ۽  ملائيشيا  4 -4 فوت ٿي ويا آهن. ڏکڻ ڪوريا ۾ 3، برازيل، آسٽريليا ۽ ناروي ۾ 2-2 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن