يورپي شهرين کي ملڪ اچڻ جي اجازت ڏيڻ تي سوئٽزرلينڊ ۾ ريفرنڊم منعقد

برلن :- سوئس شهرين ڪالهه آچر تي هڪ ريفرنڊم ۾ حصو ورتو جيڪو نوڪري لاءِ يورپي يونين جي ملڪن جي شهرين کي سوئٽزرلينڊ اچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو هو.ريفرنڊم کاٻي ڌر جي پيپلز پارٽي جي درخواست تي منعقد ڪيو ويو،ان پارٽي جو موقف آهي ته ملازمت لاءِ اچ وڃ جي حوالي سان موجوده آزاد پاليسي جي نتيجي ۾ يورپي ملڪن مان 75 هزار شهري سالياني بنيادن تي سوئٽزرلينڊ ايندا آهن جنهن سبب آبادي ۽ گهرن جي ڪراين ۾ اضافي سان گڏوگڏ رياستي فلاحي واري نظام تي بار جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن