ون يونٽ جو قيام ۽ سنڌ جي مزاحمتي جدوجهد!: ليکڪ جامي چانڊيو

هونئن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ کي رڳو اڀاڳ ئي پلئه پيا آهن، پر 14 آڪٽوبر 1955 جو ڏينهن سنڌ لاءِ بدبختين جو هڪ ڪارو دور کڻي آيو، جيڪو لڳ ڀڳ پندرنهن سال هليو (14 آڪٽوبر 1955ع کان وٺي پهرين جولاءِ 1970ع تائين) يعني برطانوي دور ۾ 1847ع کان 1935ع تائين 88 سالن کانپوءِ سنڌ هڪ آزاد وطن ته نه پر جيڪا صوبائي حيثيت حاصل ڪئي هئي، اها وري 1955ع ۾ هن ملڪ ۾ کسجي وئي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن کان اڄ تائين 170 سالن جي عرصي مان 103 سال ته اهڙا هئا، جن ۾ سنڌ کي ڪا جدا انتظامي حيثيت به حاصل نه ٿي سگهي ۽ باقي وقت سنڌ کي جيڪا صوبائي حيثيت ملي، ان ۾ ورهاڱي کان اڳ 1937ع کان 1947ع جو ڏهاڪو سنڌ جي اندروني پارلياماني سياسي انتشار سبب سنڌ کي ڪوبه لاڀ ڏيئي نه سگهيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ ون يونٽ جي 15 سالن جي ڪاري دور کانسواءِ به سنڌ کي جيڪا خودمختياري حاصل رهي آهي، اهو هڪ کليل راز آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته گذريل 170 سالن کان سنڌ کي پنهنجي حقيقي خودمختيار حيثيت نه ملي سگهي آهي.
جيتوڻيڪ ون يونٽ جو اعلان ته 14 آڪٽوبر 1955ع تي ٿيو پر حقيقت ۾ ان جا بنياد، سوچ جي حد تائين، پاڪستان جي ٺهڻ شرط پئجي چڪا هئا. نومبر 1947ع ۾ جناح صاحب جي معاشي معاملن بابت صلاحڪار سر آرچيبالڊ رولينڊس سڀ کان اڳ ۾ اها صلاح ڏني هئي، جنهن جي جناح مخالفت ته نه ڪئي هئي پر اهو چئي ان کي ٽاريو هو ته ان لاءِ اڃا حالتون سازگار نه آهن، جو جناح صاحب 1948ع کان ون يونٽ لاڳو ڪرڻ ٿي چاهيو. نيٺ 2 مارچ 1949ع ۾ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ملڪ فيروز خان نون وري اها ساڳئي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي بيگم جهان آرا شهناز حمايت ڪندي اهو پڻ چيو هو ته اولهه پاڪستان جي چوٽيهن ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي رڳو هڪ صوبو ٺاهڻ گهرجي. تاريخ جو الميو اهو به آهي ته برطانوي راڄ ۾ صوبائي خودمختياريءَ لاءِ جدوجهد جي دعويدار مسلم ليگ جي تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل محمد يوسف خٽڪ اهو پڻ چيو هو ته ان سان پاڪستان ۾ صوبائيت جو خاتمو ايندو، البته مسلم ليگ جو تڏهوڪو صدر چوڌري خليق الزمان ان سوال تي ذاتي طور منجهيل هو. پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير ميان ممتاز دولتانه پاڪستان ۾ وفاقي نظام جي مخالفت ڪندي ملڪ ۾ وحداني يعني اختيارن جي مرڪزيت تي ٻڌل نظام تي زور ڏنو هو، جيڪو پنجاب جي حق ۾ هو ۽ حقيقي وفاقي نه پر وحداني نظام هو. سنڌ مان الوحيد اخبار ان جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن کي اڳتي هلي ان ئي ‘ڏوهه’ جي سزا ۾ بنا ڪنهن نوٽيس جي بند ڪيو ويو. بهرحال گهڻ طرفي مخالفت سبب اهو منصوبو آئين ساز اسيمبليءَ طرفان جنوري 1953ع تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ مان سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽيءَ پڻ ان تي نهايت سخت موقف اختيار ڪيو. تاريخ جي رڪارڊ تي اها ڳالهه به رهڻ گهرجي ته پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي ڊپٽي صدر محمد هاشم گذدر پڻ ون يونٽ جي فارمولا جي مخالفت ڪئي. اصل ۾ بنگال ۾ مسلم ليگ جي شڪست ۽ حسين شهيد سهرورديءَ جي عوامي ليگ ۽ فضلِ حق جي ڪرشڪ سرامڪ پارٽيءَ جي اتحاد، يونائيٽيڊ فرنٽ پاران 309 سيٽن مان 233 سيٽون حاصل ڪرڻ کانپوءِ مسلم ليگ ۽ پنجاب ٻئي دل ۾ اهو طئي ڪري چڪا هئا ته ون يونٽ جي قيام کانسواءِ سندن ناجائز مفادن جو پورائو ٿي نه سگهندو.
حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحرڪ ان جي قيام کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ان بابت تمام سخت موقف اختيار ڪيو ۽ انکي گريٽر پنجاب سان تعبير ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن پير حسن بخش، سردار علي گوهر، علي نواز ڏهراج، امير بخش مهر، مير سندر خان سندراڻي، شفقت حسين موسوي، عبدالحميد جتوئي، سيد خير شاهه ۽ مير الله بچائي هڪ گڏيل بيان جاري ڪري ان کي رد ڪيو. ان مرحلي تي سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير قاضي محمد اڪبر پڻ ان جي مخالفت ڪئي. 23 آگسٽ 1954ع تي نوابشاهه ۾ آل پارٽيز ڪنوينشن ٿيو، جنهن جي ايڊووڪيٽ غلام قادر صدارت ڪئي. ان ڪنوينشن ۾ پندرنهن هزار ماڻهو شريڪ ٿيا، جن مان لڳ ڀڳ ڏهه هزار هاري هئا. سنڌ جي هڪ فقيرمنش فرزند قاضي فيض محمد جو ان ۾ اهم ڪردار هو. هن ڪنوينشن ۾ “سنڌ جي سلامتي” نالي هڪ ڪميٽي پڻ ٺهي.
هوڏانهن ون يونٽ جي حمايتي ڌر به خاموش ويٺل نه هئي ۽ نيٺ 3 سيپٽمبر 1954ع تي ون يونٽ لاءِ باقاعده اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ايوان جي 56 مان 32 ميمبرن شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ پنجاب جو ون يونٽ بابت تضاد وڌيڪ چٽو تڏهن ٿيو، جڏهن پنجاب جي ملڪ فيروز خان نون ان جي پرزور حمايت ڪئي ۽ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار ان جي سخت مخالفت ڪئي. ان لاءِ جواز اهو پيش ڪيو ويو ته ملڪ جي مخصوص حالتن سبب پاڪستان ۾ زونل وفاقيت جو ماڊل ٺهڪي بيهندو (جڏهن ته زونل وفاقيت جو ون يونٽ جي تصور سان ڪو تعلق نه هو. بيلجيم ۾ اڄ به زونل وفاقيت جو نظام آهي. 1940ع جي لاهور ٺهراءُ کي پڻ زونل وفاقيت چئي سگهجي ٿو) اجلاس ۾ پيرزادي عبدالستار، سرحد جي خان قيوم خان ۽ بنگالين سخت مخالفت ڪئي. “ڪراچي سنڌي ڪميٽي” 3 نومبر 1954ع تي اجلاس ڪوٺائي ان جي مخالفت ڪئي ۽ پيرزادي عبدالستار جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته پيرزادي عبدالستار سڄيءَ سنڌ جو هنگامي دورو ڪري عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي پرزور مخالفت ڏسي تڏهوڪي گورنر جنرل غلام محمد سنڌ مان پير علي محمد راشديءَ کي پاڻ سان ملايو ۽ مٿس اهو بار رکيو ته هو سنڌ ۾ ان لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري، جو هو نه رڳو هڪ ذهين سياستدان ۽ دانشور هو پر محمد ايوب کهڙي جي پڻ تمام ويجهو هو. نتيجي ۾ 18 نومبر 1954ع تي پير علي محمد راشديءَ هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي ان رٿا جي حمايت ڪئي ۽ سرڪار پاران واضح ڪيو ته مخالفت ڪندڙن کي حڪومت سختيءَ سان منهن ڏيندي. تاريخ جو هڪ الميو اهو به آهي ته ون يونٽ جي لاڳو ڪرڻ جو ذمو پنجاب جي حڪمران طبقي هڪ ڊمي وزير اعظم محمد علي بوگره کي ڏنو، جيڪو هڪ بنگالي هو. 22 نومبر تي بوگره سنڌ ۾ اچي سنڌ جي سياستدانن جو اجلاس ڪوٺايو ۽ مٿن زور ڀريو ته هو ون يونٽ جي حمايت ڪن. سنڌ ان اجلاس کانپوءِ ٻري اٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي قومي آواز بڻيل اخبار الوحيد کي بند ڪيو ويو. ان ئي اجلاس ۾ بوگره ون يونٽ جي نفاذ بابت اعلان ڪيو هو. اهو به تاريخ جو الميو آهي جو خيرپور پهرين رياست هئي، جنهن ان جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ بهاولپور رياست پڻ ائين ڪيو. نيٺ سنڌ اسيمبليءَ پاران ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جي سازش تيار ٿي ۽ ون يونٽ جي مخالف پيرزادي عبدالستار کي هٽائي سندس جاءِ تي محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وڏو وزير بنائڻ جي رٿا تيار ٿي. ياد رهي ته ايوب کهڙي کي “پرودا” تحت چئن سالن لاءِ نا اهل قرار ڏنو ويو هو، جو هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. محمد علي بوگره جي وزير اعظم ٿيڻ پٺيان به ساڳيو محرڪ هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ناظم الدين جي حڪومت برطرف ڪري هڪ بنگالي محمد علي بوگره کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو، ڇو جو پنجاب جي حڪمران طبقي اهو ڪم هڪ بنگاليءَ کان وٺڻ ٿي گهريو، ڇاڪاڻ ته اهو راتاهو بنيادي طور اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن سان گڏوگڏ هنيو به بنگال جي اڪثريتي جمهوري حق تي ويو هو. ان وقت گورنر جنرل غلام محمد ڄڻ ته ملڪ جو مالڪ بڻيو ويٺو هو. ايوب کهڙي کي آڇ ڪئي وئي ته هو جيڪڏهن وڏو وزير ٿي ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ / بل پاس ڪرائي ته کيس ون يونٽ جي قيام کانپوءِ مرڪزي ڪابينا ۾ پڻ وزير ڪري کنيو ويندو. ايوب کهڙو ان وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ٺلهو ميمبر به نه هو، کيس ٽنڊي آدم- شهدادپور واري سيٽ تان بنا مقابلي کٽرايو ويو. ياد رهي ته سندس خلاف قاضي فيض محمد، رائو فتح محمد، عارف علي شاهه ۽ ڊاڪٽر مجيد نظامي مخالفت ۾ بيهڻ پئي چاهيو، پر فارم جمع ڪرائڻ وقت 2 ميل پري سندن گاڏيون روڪيون ويون، هو پنڌ ڪري به پهتا پر تيسين فارم جمع ڪرائڻ جو وقت پورو ٿي چڪو هو ۽ ائين ايوب کهڙو بنا مقابلي سنڌ جو ميمبر ۽ پوءِ وڏو وزير چونڊجي ويو. اها سڄي حڪمتِ عملي هڪ شاطر ذهن پير علي محمد راشديءَ جي هئي.
11 هين ڊسمبر 1954ع تي نيٺ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو پير علي محمد راشديءَ پيش ڪيو. اهو ٺهراءُ ڪيئن پيش ٿيو ۽ پوءِ ڪيئن پاس ٿيو، اهو به تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي. سڀ کان پهرين ته اهو اجلاس ڪراچيءَ بدران حيدرآباد ۾ ڪورٽ جي درٻار هال ۾ رکيو ويو ۽ اهي ميمبر، جن بابت کهڙي ۽ راشديءَ کي پڪ هئي ته اهي مخالفت ڪندا، انهن کي درٻار هال ته ڇا پر ڪورٽ جي احاطي ۾ ئي اچڻ نه ڏنو ويو. مير غلام علي ٽالپر کي ته گاڏيءَ مان لهڻ شرط کنڀي کڻي وڃي عمرڪوٽ رسايائون، جتان وري اُٺ تي چاڙهي کيس مٺيءَ ۾ نظربند ڪيو ويو. ون يونٽ جي امڪاني مخالفت ڪندڙ ميمبرن تي ڪيس قائم ڪيا ويا ۽ نيٺ 11 هين ڊسمبر 1954ع سنڌ جي جديد تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ثابت ٿيو، جو جنهن سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياريءَ جو بچاءُ ڪرڻو هو، ان مان سنڌ جي آئيني، سياسي، وطني ۽ جاگرافيائي وجود خلاف ۽ ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ٿي ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي تڏهوڪي 110 ميمبرن مان 8 ميمبر غير حاضر يا نظربند رهيا، 98 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ چئن ميمبرن ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. اهي چار ميمبر عبدالحميد خان جتوئي، غلام مصطفى خان ڀرڳڙي، پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد هئا، جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي اڳ ئي نظربند ڪيو ويو هو. بهرحال سنڌ جي وجود تي وار پنهنجي محافظ آئيني ايوان مان ٿيو. مرڪز کي اصل ڀئو سنڌ مان هو، ان ڪري جيئن ئي سنڌ مان بل پاس ٿيو ته 14 ڊسمبر 1954ع تي اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ سال ون يونٽ جو قيام عمل ۾ اچي ويندو ۽ نيٺ 14 آڪٽوبر 1954ع کان ون يونٽ عملي طور لاڳو ڪيو ويو. اولهه پاڪستان ۾ مشتاق گورماڻي نئون گورنر ۽ ڊاڪٽر خان وڏو وزير مقرر ٿيا. ڊاڪٽر خان کي اولهه پاڪستان جو وڏو وزير مقرر ڪرڻ جا سبب حڪمت عمليءَ جا هئا، ڇاڪاڻ ته هڪ ته جناح صاحب ڊاڪٽر خان جي حڪومت کي ملڪ ٺهڻ شرط برطرف ڪيو هو، ٻيو ته حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمينٽ پشتونن کي راضي ڪرڻ ٿي گهُريو ۽ ٽيون اهم سبب اهو ته جيئن ته اولهه پاڪستان جو عملي طور مطلب گريٽر پنجاب هو، ان ڪري هڪ پشتون اڳواڻ کي وڏو وزير مقرر ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اولهه پاڪستان ۾ اقتدار جون واڳون پنجاب وٽ نه آهن.
ڏٺو وڃي ته ون يونٽ جي قيام جا مکيه سبب ٻه هئا: هڪ ته حڪمران طبقي کي بنگال جي عددي اڪثريت ڀانءِ نه ٿي پئي، جو کين ڊپ هو ته جمهوريت ۾ هو اڪثريت ۾ کٽي ايندا، جڏهن ته ملڪ جي سڄي ملٽري ۽ سول بيورو ڪريسي جو تعلق پنجاب ۽ سندس همنوا ٽولي سان هو، جيڪي اولهه پاڪستان ۾ هئا، ان ڪري پئرٽي يعني نام نهاد برابريءَ جي اصول تحت ون يونٽ جو جواز گهڙيو ويو. ٻيو ته، ان حڪمران طبقي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ ٿي چاهي ۽ نيٺ اهو ئي ٿيو. بنگال کي پنهنجي جمهوري حق کان مسلسل محروم رکيو ويو ۽ سنڌ جي زمينن، شهرن، وسيلن، ٻولي، ادب ۽ تاريخي وجود توڙي دائمي اڪثريتي حيثيت تي جيڪي راتاها لڳا، ان جو هاڃو اسان نه رڳو اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون پر شايد هميشه ڀوڳينداسون ۽ اهي گهاوَ ڀرجڻ جا ئي نه آهن.
7 آگسٽ 1955ع تي ون يونٽ مخالف محاذ جو ڪراچيءَ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن جي ڪوٺ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڏني، جڏهن ته ان اجلاس جي صدارت خان غفار خان ڪئي. ان اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد، عبدالصمد خان اچڪزئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ جدوجهد تيز ٿي ۽ حقيقت اها آهي ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ قومي سياسي ڪارڪنن ان جدوجهد ۾ مهنداريءَ جو ڪردار ڪيو. بزم صوفياءِ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي، ادب، ان جي وجود ۽ وسيلن جي بچاءُ ۾ گهڻي طرفي جدوجهد ان دور ۾ سنڌي سماج جي بنيادي سياسي تربيت ڪئي. “سنڌي شامون”، “جشنِ لطيف” ۽ “بزمِ صوفياءِ سنڌ” جا جلسا سنڌ جي جدوجهد جا غير معمولي محاذ هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، قاضي فيض محمد، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سميت سنڌ ۾ ڪهڙو وطن دوست ادب، شاعر، دانشور، قومي ڪارڪن هو، جيڪو هن سٿ ۾ شامل نه هو. قومي شعور جي اڏاوت ۽ ٻڌيءَ جي حوالي سان به اهو دور سنڌ ۾ غير معمولي هو. سنڌ ۾ مزاحمتي ادب ۽ مزاحمتي سياست جا بنياد ان دور ۾ پيا.
اها سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن جي سگهاري جدوجهد ئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ٿيو، چوٿين مارچ جي جدوجهد سامهون آئي ۽ سنڌ ۾ سگهاري شاگرد سياست جا بنياد پيا. يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، لالا قادر، اقبال ترين سميت سوين شاگرد اڳواڻ ان جدوجهد جي پيداوار آهن. حقيقت ۾ ون يونٽ خلاف گهڻ طرفي جدوجهد سنڌي سماج جي ڀرپور تربيت ڪئي ۽ سنڌ ۾ قومي شعور ۽ قومي مزاحمت ۽ تحرڪ جو عمل تيز ٿيو، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جو اهو قومي شعور اڳتي هلي ڪري غير معمولي سياسي تنظيم جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. جيتوڻيڪ ان جدوجهد کانپوءِ سنڌ ۾ انيڪ قومي ۽ ترقي پسند تنظيمون ٺهيون پر وري به ڪارڪنن جون تنظيمون ئي رهيون. اهي وڏي عوامي قومي يا انقلابي تنظيمن جو روپ اختيار نه ڪري سگهيون ۽ هاڻي ته چئن ڏهاڪن کانپوءِ ون يونٽ جي جدوجهد دوران اڀريل سموريون روايتون ڪمزور نظر اچن ٿيون. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ ۾ ون يونٽ جي دور کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڏکيون حالتون آهن پر اڄ سنڌ ۾ اديبن، دانشورن، قومي ڪارڪنن يا قومي سياست جي دعويدار سياسي پارٽين جو گهربل سگهارو ڪردار نظر نٿو اچي.
جيتوڻيڪ اڄوڪي ڏينهن يعني پهرين جولاءِ 1970ع تي يحى خان جي اعلان تحت ون يونٽ ٽُٽي ويو، جو ان کي وڌيڪ هلائڻ حڪمران طبقي لاءِ ممڪن نه رهيو هو. اڄ بظاهر کڻي ون يونٽ نه هجي پر جنهن غيروفاقي ذهنيت ۽ ناجائز ڦورو مفاد ون يونٽ ٺاهيو هو، اها اڄ به موجود آهي ۽ جنهن ڦرلٽ لاءِ اهو قائم ٿيو، اهو مظلوم قومن ۽ پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن جي ڦرلٽ جو سرشتو اڄ به اهڙو ئي قائم آهي. ان ڪري هاڻي اسان کي ون يونٽ خلاف جدوجهد تي فخر ڪرڻ سان گڏوگڏ بنيادي طور سنڌ جي آئيندي لاءِ سوچڻو پوندو ۽ پنهنجي قومي ڪردار جو تعين ڪرڻو پوندو.
پهرين جولاءِ يعني ون يونٽ جي خاتمي واري ڏينهن کي سنڌ جو قومي ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي.
روزاني ڪاوش، پهرين جولاءِ 2013ع