وفاقي ڪابينا طرفان اي سي سي فيصلن جي منظوري، کنڊ ڪميشن رپورٽ تي عمل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :- وفاقي وزير فواد چوڌري پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هلندڙ ڏڦيڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو، هُن چيو آهي ته پهرين جهانگير ترين اسد عمر کي ڪابينا مان نيڪالي ڏياري، پوءِ وري اسد عمر به جهانگير ترين جي موڪل ڪرائي ڇڏي، هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين، اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ اختلاف وڌڻ سان پوليٽڪل ڪلاس سڄي راند کان ٻاهر نڪري ويو، اُن کانپوءِ جِن ماڻهن خال ڀريو، اُنهن جو واسطو سياست سان نه هو، وفاقي وزير چيو آهي ته عوام نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان کي ووٽ ڏنو آهي، خبر ناهي ته ڪمزور ۽ ڊڪٽيشن وٺندڙ ماڻهن کي لغام ڏيڻ وارو مشورو وزيراعظم کي ڪنهن ڏنو، ائين ڪرڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان عمران خان کي پهتو آهي. وزيراعظم عمران خان، ڪابينا ميمبرن کي تڪراري بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، اجلاس دوران وفاقي وزير فيصل واوڊا، اسد عمر، عبدالرزاق دائود ۽ نديم بابر جي پاليسين تي تنقيد ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي. اجلاس دوران وفاقي وزير اسد عمر فواد چوڌري جي انٽرويو وارو معاملو اٿاريو، جنهن دوران فواد چوڌري  وضاحت ڏيڻ بدران خاموش رهيو. سندس چوڻ هو ته هو رڳو وزيراعظم عمران خان آڏو جوابده آهي، ڪنهن به وزير، صلاحڪار سان خاص مددگار کي وضاحت نه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته اوهان جو بيان غير ذميواراڻو ۽ بي وقتائتو آهي، رڳو خبر بڻائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، آئين جي پاسداري اجتماعي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته ذميوار هنڌ تي ويهي غير ذميواراڻا بيان ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فواد چوڌريءَ وزيراعظم آڏو وضاحت ڏني ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، هن ماضيءَ جي صورتحال بابت ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي فواد چوڌري جي انٽرويو بابت تڪراري بيان ڏيڻ کان روڪي ورتو. اجلاس دوران وفاقي وزير فيصل واوڊا، اسد عمر، عبدالرزاق دائود ۽ نديم بابر جي پاليسين تي تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه وزير پاڻ کي وزيراعظم سمجهي رهيا آهن، خاص مددگارن پنهنجي اثاثن ۽ ٻٽي شهريت بابت پوزيشن واضح نه ڪئي آهي. فيصل ووڊا چيو ته پي ٽي آءِ جو نظريو دفن ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سان ڳالهائڻ دوران ڪابينا ۾ هڪ ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻاهر وڃي مختلف ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان فيصل ووڊا کي جذباتي ڏسي کيس صبر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيوته هو پي ٽي آءِ جو نظريو دٻائڻ نه ڏيندا. فيصل ووڊا چيو ته ڪابينا ۾ هڪ فيصلو ٿئي ته ۽ ڪاغذن ۾ ٻيا فيصلا هوندا آهن، وزيراعظم آڏو سڌي ڳالهه رکي وڃي