وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نوان قانون ٺاهي ڇڏيا، منظوري

اسلام آباد :- حڪومت سوشل ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نوان قانون ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا قانونن جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا قاعدن ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن کي پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينيئر اختيارين قانوني مسودي جي منظوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نون قانونن موجب سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ٽن مهينن ۾ پاڪستان ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي، جنهن تحت يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽوئٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ ڊيلي موشن سميت ٻين سڀني ڪمپنين کي ٽن مهينن ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.نون قاعدن موجب سڀني سوشل ميڊيا ڪمپنين لاءِ ٽن مهينن ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي آفيس قائم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته انهن تي پاڪستان ۾ رابطي لاءِ آفيسر مقرر ڪرڻ جو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي.نون قانونن تحت يوٽيوب سميت سوشل ميڊيا تي ٺاهي ويندڙ مقامي پليٽ فارمز جي رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.ذريعن موجب سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ ڪمپنين کي هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي ڊيٽا سروسز ٺاهڻيون هونديون، انهن قدمن سان قومي ادارن ۽ ملڪي سلامتي خلاف ڳالهائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهندي.سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشن اٿارٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا هراساني، ادارن کي نشانو بڻائڻ ۽ پابندي پيل مواد جي دانهن تي اڪائونٽ بند ڪري سگهندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ڪمپنين خلاف ويڊيوز نه هٽائڻ تي به ايڪشن وٺي سگهبو ۽ جيڪڏهن ڪمپنين سهڪار نه ڪيو ته انهن جي سروسز معطل ڪئي ويندي، قاعدن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمپنين تي 50 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو.آءِ ٽي وزارت موجب نون قانونن کي اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ جو حصو بڻايو ويو آهي ۽ انهن تي عمل به شروع ڪيو ويو آهي.اختيارين تصديق ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيليجنس ادارا اعتراض جوڳي مواد تي ڪارروائي ڪري سگهندا.