وفاقي ڪابينا سنڌ سوڌو پنجاب ۽ وفاق مان ارسا جي نمائندن کي هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد :- وفاقي ڪابينا سنڌ سوڌو پنجاب ۽ وفاق مان ارسا جي نمائندن کي هٽائي ڇڏيو. سنڌ مان ارسا جي ميمبر سيد مظهر علي شاهه کي ڪابينا هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پنجاب جي رائو ارشاد ۽ وفاق جي نمائندي اسجد امتياز علي کي پڻ هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ارسا جي نون ميمبرن جي مقرري لاءِ پاڻي وزارت سنڌ ۽ پنجاب کان نالا طلب ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪورونا تي ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي وڃي. ملڪ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي ضرورت آهي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ رابطو ڪرڻ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر مظهر علي شاهه چيو هو ته صوبن جي مشاورت کان سواءِ نٿو هٽائي سگهجي، آگسٽ ۾ سندس مدو پورو ٿيندو ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪندس.