وفاقي سرڪار گذريل سال 13 ارب 20 ڪروڙ ڊالر قرض وٺي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

اسلام آباد :- تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل مالي سال دوران 13 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي رڪارڊ ورتو، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ حڪومت گذريل سال دوران 13 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض حاصل ڪيو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت پاران هڪ سال جي عرصي ۾ نه ورتو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران پهريون ڀيرو ايتري عرصي ۾ ايترو قرض حاصل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب گذريل مال سال دوران حڪومت 10 ارب ڊالر جو قرض واپس به ڪيو آهي، ذريعن موجب ٻن سالن ۾ مجموعي طور تي پي ٽي آءِ حڪومت 29 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو قرض ورتو آهي ۽ ٻن سالن ۾ 19 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض واپس به ڪيو آهي