وفاقي سرڪار طرفان ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ

ڪراچي :- وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ، اٽارني جنرل خالد جاويد سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته آئيلينڊ اٿارٽي خلاف سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءُ جو احترام ڪريون ٿا، وفاقي سرڪار سان قانون کان مٿانهون ڪوبه ڪم نه ڪندي، صوبائي حڪومت سان رابطن ۾ آهيون، ٻطرفي سهڪار ۽ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪوبه ڪم نه ڪيو ويندو، ٻيٽن تي فوري طور ڪوبه ڪم نه پيو ڪيو وڃي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اٽارني جنرل چيو ته سنڌ سرڪار جيڪي به ترميمون تجويز ڪندي، اٿارٽي آرڊيننس ۾ اُنهن کي شامل ڪيو ويندو، هي معاملوعدليه جي بُنياد تي حل ٿيڻ وارو نه آهي، وفاق چاهي ٿو ته سنڌ جي عوام جي مفادن ۾ ٻيٽن تي شهر اڏڻ گهرجي، سنڌ جي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته سندن ڪوبه حق پائمال نه ٿيندو