وفاقي سرڪار سڀاڻي ملڪ ۾ عيدالفطر ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- وفاقي سرڪار سڀاڻي ملڪ ۾ عيدالفطر ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙو اعلان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اڄ 7 لڳي 36 منٽن تي سج لهندو، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، جيواڻي ۽ پسني ۾شوال جو چنڊ نظر ايندو، اسان جي ڪئلينڊر موجب سڀاڻي ملڪ ۾ عيدالفطر ٿيندي، هر سال شوال جي چنڊ تي تڪرار ٿيندو آهي، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سدائين تڪراري رهي آهي، هن چيو ته چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان رپورٽ وزيراعظم آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، هن ڀيري سعودي عرب سان گڏ عيد ملهائي ويندي، فواد چوڌري جو چوڻ هو ته شوال جي چنڊ جي پيدائش ٿي وئي آهي، پشاور ۾ اڄ چنڊ ڏسڻ جو ڪو امڪان ڪونهي، چنڊ جو هاڻ تڪرار ئي نه رهندو، ان ڪري اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيس، فواد چوڌري چيو ته سدائين چنڊ ڏسڻي ڪميٽي تڪراري رهي آهي ۽ انهن تڪراري فيصلا ڪيا آهن.