وفاقي سرڪار سنڌ جَي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ مار اسپرَي ڪرائڻ وارو وعدو نه پاڙيو

ڪراچي :- سنڌ جَي سُڌ سماءَ وارَي صوبائي وزير ناصر ناصر شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جَي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ مار اسپرَي ڪرائڻ وارو وعدو نه پاڙيو، وفاقي سرڪار جِي نااهلي سبب وڏو نقصان ٿيندو، وفاق هن وقت تائين ماڪڙ کَي سنجيده ناهي ورتو.
اهڙيون ڳالهيون صوبائي وزير ناصر شاهه ٻين وزيرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس دوران ڪيون.