وفاقي سرڪار جو عيد تي عوام کي تحفو، پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 86 پيسا اضافو

اسلام آباد :- وفاقي حڪومت عيد جي موقعي تي عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ هڪ بم ڪيرائي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 86 پيا واڌ ڪئي وئي جنهن بعد نئين قيمت 103 رپيا 97 پيسا ٿي وئي، ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين ۾ واڌ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفيڪيشن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد نئون اگهه 106 رپيا 46 پيسا في ليٽر ٿي ويو، گاسليٽ جي في ليٽر تي 5 رپيا 97 پيسا واڌ ڪئي وئي، لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 6 رپيا 62 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، اگهه وڌڻ بعد لائيٽ ڊيزل جو في ليٽر 62 رپيا 86 پيسا ۾ وڪرو ڪيو ويندو، گاسليٽ جون نئون اگهه 65 رپيا 29 پيسا مقرر ڪيو ويو، پيٽرليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي عمل رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويو. اوگرا به ايل پي جي جي 11.8 گهريلو سيلينڊر جي اگهه ۾ به 18 رپيا 48 پيسا اضافو ڪري ڇڏيو، نئون اگهه 1363 رپيا 55 پيسا مقرر ڪيو ويو، ايل پي جي جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رپيو  50 پيسا ۽ ڪمرشل سيلينڊر جو اگهه 70 رپيا وڌايو ويو، ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.