وفاقي سرڪار جو برسات کانپوءِ ڪراچي واسين کي پهريون رليف، بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد :- اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪي الڪيٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو،جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. اي سي سي جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي ٽيرف ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته روز ويلٽ هوٽل جون مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ به 142 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي 1.09 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي ۽ ٽيرف ۾ واڌ 2016 کان 2019 دوران ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ 407 ارب رپيا وفاقي حڪومت طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي سبسڊي ۾ ڏنا ويندا