وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اي پي سي ۾ خطاب ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :- وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اي پي سي ۾ خطاب ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سُڌ سماءَ وارو وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون شهزاد اڪبر اڄ شام جو اهم پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته اشتهاري ڏوهاري نواز شريف اي پي سي کي خطاب ڪيو ۽ اُهو خطاب نيوز چئنلز تي ڏيکاريو ويو ته پيمرا سوڌو ٻيا قانوني آپشنز استعمال ڪيا ويندا، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ روپوش ڏوهاري سياسي سرگرمي ڪري ۽ ڀاشن ڏئي، شريف خاندان ڪوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڳالهائي سگهي، اهي ايترا ڪوڙا آهن جو بيماري تي به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن