وفاقي حڪومت پيٽروليم شين کانپوءِ ايل پي جي جا اگهه گهٽائي ڇڏيا

اسلام آباد :- آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جون 2020 لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ موجب ايل پي جيءَ جي اگهه ۾ 2 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 1298.31 رپيا ٿي وئي آهي. ايل پي جي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب مئي لاءِ 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 1322.90 رپيا هئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي هئي.