وفاقي حڪومت طرفان 1985کان سمورين شگر ملن جي آڊٽ جو فيصلو، ٽاسڪ ايف آءِ اي ۽ نيب حوالي

اسلام آباد :-  وفاقي ڪابينا، 1985ع کان هيل تائين سمورين شگر ملن جي آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، مالي سان 21-2020ع جي بجيٽ جي شروعاتي مول متاع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبر ماسڪ پهري شريڪ ٿيا. عمران خان  ڪابينا ميمبرن کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورا غير ضروري خرچ ختم ڪيا وڃن. اجلاس کي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا ميمبرن کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد ملوث ذميوارن خلاف جلد ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب کي ٽاسڪ ڏنو ويو ته 1985ع کان هيل تائين سمورين شگر ملز جي آڊٽ ڪري ته جيئن حقيقي صورتحال سامهون اچي سگهي. وزيراعظم عمران خان کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه گهٽ نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 21-2020ع جي تياريءَ جي عمل جاري آهي، جون جي ٻئي هفتي ۾ بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي ڏکيائين جو خاص خيال رکيو ويندو، جڏهن ته بجيٽ ڪورونا رليف بجيٽ هوندي، جنهن ۾ صحت جي شعبي لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويندا. ڪابينا کي پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي جاچ ۽ مڙهن جي سڃاڻپ واري عمل بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته مهيني جي آخر ۾ جاچ رپورٽ اچي ويندي. وفاقي ڪابينا، سمارٽ لاڪ ڊائون جاري رکڻ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي منظوري پڻ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ ماڪڙ جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن چيو ته نواز شريف ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري پرڏيهه ۾سير تفريح ڪري رهيو آهي، جنهن تي وزيراعظم چيوته اهڙن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي، نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن جو به جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.