وفاقي حڪومت طرفان ريلوي نظام ۾ تبديلي ۽ ھڪ لک نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

راولپنڊي :- ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ريلويز واري کاتي ۾ هڪ لک نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ڪورونا وائرس مان صحتيابي کان پوءِ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اٽي ۽ کنڊ چورن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ گهرجي، عمران خان وقت جي ضرورت آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، اختر مينگل ڪيڏانهن نه ويندو، گهڻن ئي مينگلن کي سڃاڻان ٿو. هن ريلوي ۾ 1 لک نوڪرين جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ريلوي جو سمورو نظام تبديل ڪنداسين ۽ نئين ميرٽ جو نظام آڻينداسين. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايم ايل ون هڪ خواب هو، هن سال لاهور کان راولپنڊي جو سفر 2 ڪلاڪن جو ٿي ويندو، ريلوي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي پئي هڻي، ايم ايل ون جو ڪريڊٽ عمران خان ۽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، ايم ايل ون منهنجو خواب هو، حفيظ شيخ، اسد عمر ۽ عاصم سلين ان کي حقيقت بڻايو. ڪورونا جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته مون تي 4 آپگهاتي حملا ٿيا پر اهڙي قسم جي بيماري ناهي ڏٺي.