وفاقي حڪومت جو ڪورونا ستايل عوام تي وار، پيٽرول 25 رپيا في ليٽر مھانگو

اسلام آباد :- ڪورونا سبب معاشي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ بري خبر آھي تھ وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ 25 رپيا في ليٽر تائين واڌ ڪئي وئي آھي، وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي جي سمري منظوري ڪئي جنھن بعد ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 25 رپيا 58 پيسا في ليٽر مھانگو ڪيو ويو آھي جنھن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 100 رپيا 10 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آھي، ڊيزل جو اگھھ 21 رپيا 31 پيسا في ليٽر تي وڌايو ويو آھي جنھن بعد نئون اگھھ 101 رپيا 46 پيسا مقرر ڪيو ويو آھي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 23 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ کانپوءِ نئون اگھھ 59 رپيا 6 پيسا مقرر ڪيو ويو آھي، ناڻي واري وزارت موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا 84 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آھي ۽ ان جي نئين قيمت 55 رپيا 98 پيسا مقرر ڪئي وئي آھي، عام طور تي پيٽروليم شين جو نئون اگھھ مھيني جي پھرين تاريخ کان لاڳو ڪيو ويندو آھي پر ھن ڀيري نوان اگھھ رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ڪيا ويا آھن، واضح رھي تھ ڪورونا وائرس سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي کپت گھٽ ٿيڻ سبب قميتن ۾ تاريخ جي گھٽ ترين سطح تي پھچي وئي ھئي جنھن بعد پاڪستان ۾ بھ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ ڪئي وئي ھئي. ھوڏانھن سنڌ حڪومت پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آھي تھ ڪورونا دوران لاڪ ڊائون سبب عوام اڳ ئي معاشي طور تي ڪنگال ٿي ويو آھي مٿان پيٽرول جا اگھھ وڌائڻ ظلم آھي.