وفاقي حڪومت اپوزيشن جِي اَي پي سي کي جوابدارن جو ميڙاڪو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :- وفاقي حڪومت اپوزيشن جِي اَي پي سي کي جوابدارن جو ميڙاڪو قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي وزير شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ شخص جيڪو ڏوهي آهي، بيماري جو بهانو بڻائي پرڏيهه هليو ويو ۽ اتان اَي پي سي کي خطاب ڪندو، شبلي فراز چيو ته قانون آڏو پيش ٿيڻ جِي ڳالهه ٿئي ٿي ته هو بيمار آهي. پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته اپوزيشن اَي پي سي ۾ طئي ڪندي ته ڪيئن بدامني پکيڙِي وڃي، اُهي نااميدي پکيڙي رهيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ سنجيده مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته اپوزيشن جا خدشا اُهي آهن ته هاڻي اُنهن جا جج نه ٿا مقرر ٿين، آزاد عدليه کين چُڀـِـي رهي آهي، اپوزيشن چاهي ٿي ته نيب جا اختيار ختم ڪري آصف زرداري توڙي نوازشريف جا ڪيس بند ڪيا وڃن