وطن تي ساهه صدقو ڪندڙ شهيد مخدوم بلاول

                  سنڌ ڌرتيءَ اُھا قديم ڌرتيءَ آھي،جيڪا پنھنجي آڳاٽي ھجڻ سان گڏوگڏ اُمن،محبت، ڀائيچاري، تمدن ۽ ثقافت جي قديمي وارث رھي آھي،جنھن ڪيترن ئي مھان پُرش آدرشي انسانن کي جنم ڏنو آهي.جيڪي تاريخ جي ورقن مان ڪڏهن به ميسارجي نٿا سگهجن،سدائين ڌرتيءَ جي بقا لاءِ سامراجيت سان مھاڏو اٽڪائي وڙھندا رھن ٿا.اھڙن ڌرتي سپوتن مان شھيد مخدوم بلاول جو نالو سدائين بلند رھندو.ڪجھه روايتن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ھو ذات جو سمون ۽ ٺٽي جي شاھي خاندان سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن ڪري کيس اڃان تائين “سَمون سردار” جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.انھن ڏينھن ۾ تعليم جا مکيا مرڪز ٺٽو، سيوھڻ، پاٽ، ٽلٽي وغيره ھئا. ھن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي. شادي به اُتي ڪيائين. پوءِ ٿوري پنڌ تي باغبان جي ڳوٺ ۾ اچي رھڻ لڳو جتي سندس مزار آھي.پاڻ مذھبي علم تفسير ۽ حديث ۾ خاص وڏو ماھر ھو،جنھن ڪري پري پري پنڌ کان طالب العلم وٽس علم پرائڻ ايندا هئا.

مخدوم بلاول جي شاگردن جو جھجھو تعداد هوندو هو،مخدوم صاحب وڏي پائي جو عالم هو،سندن پيروي ڪندڙ کيس مرشد ڪوٺيندا هئا،جنهن جو ذڪر مخدوم نوح رحمت الله عليه جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي ڪتاب دليل الذاڪرين مان ملي ٿو،سنڌ ۾ ان وقت فقط ٽي مک طريقت جا ادارا ھئا.“مخدوم عثمان مروندي رحمت الله عليه، مخدوم نوح رحمت الله عليه ۽ مخدوم بلاول رحمت الله عليه. سنڌ جي علائقن تي اَرغون پنهنجو غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته وري ٻئي طرف دولهه درياهه خان جا جٿا اَرغونن جي اک ۾ ڪنڊا هئا.دولهه درياهه خان جي شهادت کي ڪجهه عرصو مس گذريو ته اَرغونن سڄي سنڌ ۾ ظلم جي باھه ٻاري ڏني.سنڌ جي هر گهٽيءَ ۽ هر گام تي قتلِ عام جو ۽ قهر جو ماتم مچائي ڏنائون. اهڙي موقعي تي مخدوم بلاول جا قومي ليڪچر جيڪي اسلامي دليلن سان ڀريل هوندا هئا، سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ برابر هوندا هئا. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا قبيلا هئا، جيڪي اقتدار جي ڀاڱي ڀائيواريءَ لاءِ اَرغونن جا ساٿاري ۽ سَمن جا دشمن بڻجي چڪا ھئا. جيڪي سَمن جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيا هئا. اَرغونن جو ساٿ فقط ان بنياد تي ڏنو ويو هو،جو سندن سَمن سان مخالفت هئي.

ان کانسواءِ اهڙا ٽولا پڻ هئا، جيڪي مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان رعايت وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي قوم جو سودو ڪندا هئا. ارغونن جي راڄ جو چيف جسٽس قاضي قادن هو. پاڻ به سخت مذهبي ذهن جو مالڪ هو پر وڏي عهدي ملڻ سبب سنڌي قوم سان وڏي ۾ وڏي غداري به انهيءَ ڪئي.اَرغونن کي چيائين ته “سنڌي قوم ائين آهي،جيئن جهنگلي ڪنڊن واري زمين ۽ اهڙي زمين کي سهڻو بڻائڻ لاءِ ڪنڊا صاف ڪرڻا پوندا”.سنڌي قوم درياهه خان جهڙي جوڌي سان خودمختيار سنڌ ڏٺي جنهن کي پنهنجي دفاعي قوت، حڪمراني، ناڻي جي  آزادي هئي. جڏهن حملا آور اَرغوني فوجون پُرامن سنڌ ڌرتي تي قابض ٿي.تڏهن سنڌي قوم جي سرفروشن وڏي بھادري سان سخت مقابلا ڪيا.جنهن قاضي قادن کي اَرغونن چيف جسٽس بڻايو هو ان کي به نشانو بڻايائون. سندس خاندان جي ٻچي ٻچي کي اَرغوني سپاهين قتل ڪيو ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. اُهو ئي قاضي قادن ٺٽي جي گلين ۾ چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو رهيو. اُهو ئي اهو ماڻهو هو، جنهن مخدوم بلاول مٿان ڪوڙي تهمت کي فتويٰ جي آڙ ۾ سزاءِ موت ٻڌائي هئي. قاضي قادن سدائين وڏا عهدا ماڻيا ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. هن مختلف دؤر ڏٺا پر سنڌ تي قابض ٽولن سان حڪومت ۾ ئي رهيو. کيس ڪڏهن به سنڌي قوم تي نه قياس آيو نه رحم آيو. هن لاتعداد بيگاھن ماڻھن کي موت جون سزائون ٻڌايون،متان حڪمرانن کي نرم سزا ٻڌائڻ تي ساڻن وفاداريءَ تي شڪ شبهو نه پوي.

قاضي قادن جي چوڻ تي اَرغونن ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي، ساڙائي ڇڏيو. مرزا شاهه بيگ جيڪو قهري راڄ قائم ڪيو هو، انهي دهشت ۽ نفرت کانسواءِ ڪجهه نه ڪمايو. سندس موجودگيءَ ۾ ڪيترائي عالم فاضل جڏهن مخدوم بلاول جي ساراهه ڪرڻ لڳندا هئا ته هن کي اندر ۾ ساڙ ۽ منهن تي مُرڪ تري ايندي هئي. مخدوم صاحب جي رتبي کان هو تڏهن کان ئي واقف هو،جڏهن افغانستان جي هڪ شهر قنڌار ۾ سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو. ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ پنهنجو نظريو بيان ڪري، زبردستي اُهو نظام قائم ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪو هن ڌرتيءَ جي مزاج جي بنهه ابتڙ هو. صوفي منش مزاج رکندڙ سنڌي ماڻهو امن ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه نه ڏسندو آهي. ميران محمد جونپوري رجعت پرست فلسفو مڙهيو تنهن جي مخالفت ۾ سيد حيدر شاهه سنائي رد عمل ظاهر ڪيو. سَن ۾ ان حوالي سان تاريخي ويڙهه به ثبوت طور مثالي آهي. جنهن ويڙهه ۾ سَن لڳ درياهه ۾ جونپوريءَ جي لشڪر جون ٻيڙيون به ٻوڙائي ڇڏيون هيون ۽ هو پنهنجو سِر بچائي ڪابل وڃي پهتو هو، جتي ڪجهه ڏينهن رهي قنڌار ۾ مرزا شاهه بيگ اَرغون سان ملي سنڌ مٿان چڙهائي جون سازشون سٽيون هئائين. سيد حيدر شاهه سنائي جو درياهه خان سان ويجهو لاڳاپو هو ۽ مخدوم بلاول جو وري ٻنهي شخصيتن سان تعلق هو.

محمد جونپوريءَ جو مريد قاضي قادن هو،جنهن جي سڏ تي جونپوري سنڌ اچي رجعت پرستي جو فلسفو پئي پکيڙيو. ٻئي طرف دولهه درياهه خان، حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم بلاول اهڙي رجحان کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌي سماج کي پنهنجي اصلي روپ ۾ رهڻ ڏنو. قاضي قادن جو نيٽ ورڪ هڪ جاسوس ۽ سنڌ دشمن پاليسي تي ٻڌل هو،جنهن سان ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ وڏي مدد ملي. غداري ۽ نفاق جي زهر سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي ماري وڌو. قاضي قادن کي اُنهيءَ ڪردار نڀائڻ کانپوءِ شاهه بيگ ارغون کان ڪيترائي انعام پڻ ماڻيا، جيڪي بعد ۾ ارغونن هٿان ئي لٽيا به ويا.

شاهه بيگ اَرغون جڏهن مخدوم بلاول جي عملي تحريڪ بابت ٻڌو تڏهن پريشان ٿي ويو. هن کي معلوم هو ته نظرياتي نموني تيار ڪيل شاگرد هٿيار کان به خطرناڪ هوندو آهي. اَرغون ويڙهاڪ جٿن هر هنڌ غلبو حاصل ڪري ڇڏيو هو پر مخدوم بلاول ۾ هٿ نه وجهي سگهيا هئا. هنن جي خلاف مخدوم صاحب پنهنجا پُراثر خطاب جاري رکندو آيو پئي، جنهن جي رپورٽ قاضي قادن باقاعدگي سان رکيو ويٺو هو. قاضي قادن، اَرغونن جي مدد سان ڪيترن ئي مُلن مولوين کي پاڻ سان ملائي ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺهرائي ڇڏيون،جن کي اَرغونن پاران رعايتون ۽ انعام ڏنا ويندا هئا.ائين غدارن جو ڊگهو سلسلو جڙڻ لڳو هو، ائين ڄڻ جسم کي ناسُور ٿيڻ سان زخم وڌندو ويندو آهي ۽ اهو حصو بيڪار بڻجندو ويندو آهي.ان دوران مرزا شاهه بيگ اَرغون مري ويو ۽ سندس جڳهه تي شاهه حسن ارغون اچي ويو. انهيءَ اها سازش ڪامياب ڪئي، جنهن ۾ موچيءَ کان جتيءَ جي تري ۾ قرآن پاڪ جو ورق وجهرايو ويو ۽ مخدوم بلاول کي تحفي ۾ ڏئي مٿس اهڙي گستاخي جو الزام مڙهيو ويو. مخدوم صاحب سڄي ڪارروائي ۾ موچيءَ کان فقط اهو پڇيو هو ته “ڇا مون تنهنجي ٺاهيل جتي پيرن ۾ پاتي؟“ جنهن تي موچي هائوڪار ڪئي ۽ مخدوم صاحب چيو: “مون خدا جي رضا تي معاملو ڇڏيو.”مفتين کان اهڙي ڏوهه جي سزا پڇي وئي،جنهن تي هن کي گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو چيو ۽ مخدوم صاحب وڏي بھادر ۽ ھمت سان وراڻيو.“مونکي گھاڻي ۾ پيڙائڻ جي شروعات پيرن کان ڪئي وڃي،جيئن اکين سان رَتُ وهندو ڏسان ۽ ڪنن سان پنھنجي هڏين جا ٽڙڪاٽ ٻڌان ته جيئن محسوس ٿئي ته آئون وطن لاءِ قربان ٿي رهيو آهيان”.2  رجب 930 ھجري مطابق 6 مئي 1523ع تي ھن انسانيت پرست صوفي منش انسان کي گھاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرائي ڇڏيو. سائين جي ايم سيد جي ڪتاب مان دليل ملي ٿو “سنڌ جا سُورمَا” شھيد مخدوم بلاول کي سنڌ جي سورمن ۾ چوٿون ۽ عالمن ۽ درويشن ۾ پھريون ھو، جو سنڌ جي عزت ۽ ناموس لاءِ سِر ڏئي سرھو ٿيو.

عامر انصاري