وسڪونسن ۽ مشيگن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بائيڊن جا اليڪٽورل ووٽس 264 ٿي ويا

واشنگٽن :- امريڪي صدارتي چونڊن ۾ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ باوجود ٽرمپ جي پوزيشن ڪمزور، ڊيموڪريٽس اُميدوار جوبائيڊن کي صدر ٿيڻ لاءِ رڳو 6 ووٽ گهربل، ايِريزونا، وسڪونسن ۽ مشيگن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بائيڊن جا اليڪٽورل ووٽس 264 ٿي ويا، ٽرمپ رڳو 214 اليڪٽورل ووٽس حاصل ڪري سگهيو، جو بائيڊن صدارتي چونڊن ۾ غير معمولي ووٽ حاصل ڪري اوباما جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، امريڪي تاريخ ۾ 7 ڪروڙ ووٽ حاصل ڪندڙ پهريون صدارتي اُميدوار جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، ٽرمپ ايِريزونا، وسڪونسن ۽ مشيگن جي چونڊ نتيجن تي اعتراض واري ڇڏيا