وزير اعظم جون ڊيووس ۾ عالمي ادارن جي صدرن سان به ملاقاتون

ڊيووس :- وزير اعظم عمران خان ڊيووس ۾ مختلف ملڪن جي مملڪتي سربراهن کان سواءِ عالمي ادارن جي صدرن سان به ملاقاتون ڪيون آهن.وزير اعظم عمران خان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ موجود آهي جتي هن جي دوري جو ٻيون به مصروف گذريو.وزير اعظم عمران خان سان عالمي مالياتي فنڊ جي صدر ڪرسٽالينا جارجيوا ملاقات ڪئي.پڌرائي موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر باقر رضا ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو اعزازي سفير علي جهانگير صديقي به موجود هو.وزير اعظم سان ايشين ڊويلپمنٽ بينڪ جي صدر مساتسوگا آساڪاوا به ورلڊ اڪنامڪ فروم جي سائيڊ لائين تي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان سان يوٽيوب جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) سوزن وجسيڪي به ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ڊيجيٽل پليٽ فارم تي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي اجاڳر ڪرڻ، سياحت کي هٿي ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ وزير اعظم عمران خان جي ڊيجيٽل ويزن پروگرام جي سربراهه تانيا ايدرس، سمنڊ پاڪستان پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي بخاري ۽ ٻيا موجود هئا.ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان ٽيڪنالاجي ڪمپني سيمنز جي سي اي او جوئي ڪائسر سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ، سيڙپڪاري ۽ مهارت وڌائڻ جي لاءِ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون…