وزيران ڇڇر مامرو: والد تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ، پوليس ناريءَ جي مڙس ۽ ڏير کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوٽڙي / ڄامشورو:- مبينا طور منهن ۾ پٿر هڻي بي دردي سان قتل ٿيل ڳوٺ وڏا ڇڇر جي شادي شده ناري وزيران ڇڇر جي قتل جو معاملو اڃان سوڌو ڳجهارت بڻيل آهي.، سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين موجب ناري جي حتمي ميڊيڪل رپوٽ ناهي آئي ڇاڪاڻ ته سندس جسم جآ مختلف جزا ليبايٽري موڪليل آهن جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي ويندي البتا شروعاتي چيڪ اپ مان معلوم ٿيو آهي ته ناري جي ڇاتي توڙي سڄي جسم تي سخت تشد جا نشان موجود هئا جيڪي لٺين لڳڻ جهڙا نشان هئا ان کان علاوه ناري جو منهن پڻ ڪنهن وزني شي لڳڻ سبب ڇڇريل هئو، هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ جو چوڻ هئو ته معاملي جي نزاڪت ۽ اهميت کان غافل ناهيون، جاچ به هلي پئي، هن چيو ته ايف آء آر ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻين لاء  پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جلد کين گرفتار ڪيو ويندو البتا قتل يا خودڪشي بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجھ چئي سگهبو. ذريعن موجب ڳوٺ وڏا ڇڇر جا ڪجھ با اثر ماڻهو ناري جي وارثن تي راڄوڻي لاء دٻاء وجهي رهيا آهن پر ناري جو والد مسلسل ساڻس انصاف ٿيڻ لاء احتجاج ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي قتل ٿيل ناري وزيران کي انصاف ڏيارڻ لاء ماڻهو آواز اٿاري رهيا آهن ۽ ناري جي قتل جو معاملو هاء پروفائل ڪيس بڻجي ويو آهي.