وزيراعظم پاران اساما بن لادن شھيد قرار، مارچ 2021ع کان ملڪ ۾ ھڪجھڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :- وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي حوالي سان جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي فيصلن ۾ مونجهارو نه هو ته اُهو رڳو  پاڪستان هو،  اسان جي فيصلن ۾ ڪٿي به تڪرار ناهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان وٽ ٻٽي ڏکيائي آهي، اسان کي هڪڙي پاسي ڪورونا ۽ ٻئي پاسي بک کان بچڻو آهي، پاڪستان ۾ ڪچين آباديون، وڏين آباديون ۽ غريب ماڻهو آهن، نيوزيلينڊ جو مثال نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته اُتي آبادي پکڙيل آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون بابت مون تي گهڻو دٻاءُ هو، پاڻ منهنجي ڪابينا جو پريشر هو، توهان جيڪڏهن سنگاپور جيان هجاي ها ته پوءِ بهترين شئي ڪرفيو هئي پر پاڪستان جي صورتحال مختلف هئي، هر ملڪ پنهنجي پنهنجي حساب سان فيصلا ڪري رهيو هو، جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي فيصلن ۾ مونجهارو نه هو ته اُهو رڳو پاڪستان هو. هن چيو ته برازيل لاڪ ڊائون ناهي ڪيو اُتي 5 هزار ماڻهو مري ويا، مودي لاڪ ڊائون اسان کان پوءِ ڪيو، دنيا جو سڀ کان امير ملڪ آمريڪا به مجبوري ۾ لاڪ ڊائون کولي رهيو آهي، اسان سڀ کان پهرين اسمارٽ لاڪ ڊائون جو سلسلو شروع ڪيو. هن چيو ته لاڪ ڊائون وارو فيصلو مرڪزي سطح تي هئڻ گهرجي ها، ملڪ ۾ جيڪڏهن اسان مڪمل لاڪ ڊائون ڪيون ٿا ته گهڻو نقصان ٿئي ها، صوبن سان گڏجي ڪوآرڊِنيشن هئي، هر ڏينهن ميٽنگ جي ذريعي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، ان دوران  اسان جي فيصلن ۾ ڪٿي ڪو تڪرار نه آيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ايندڙ مرحلو وڏو ڏکيو آهي، اسان کي ضابطي ڪار (ايس او پيز) جي پيروي ڪرڻي پوندي، احتياط نه ڪيو ويو تها اسان جي هيلٿ سيڪٽر تي پريشر وڌي ويندو، اسان کي پنهنجي پوڙهن ۽ بيمارن کي بچائڻو آهي، جيڪڏهن بي احتياطي ڪئي وئي ته اسان گهڻي ڏکيائي ۾ پئجي وينداسين، ٽائيگر فروس کي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ تي لڳايو آهي. ماڪڙ بابت وزير اعظم جو چوڻ هو ته 31 جنوري کان ماڪڙ تي ايمرجنسي هڻي رهيا آهيون، نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي ماڪڙ تي خرچ جو مڪمل اختيار آهي، ماڪڙ پاڪستان جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ماڪڙ بابت ڪيتريون ئي شيون اسان جي هٿ ۾ ناهن، سڄي قوم گڏجي ماڪڙ جو مقابلو ڪندي. معيشت بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وزير اعظم چيو ته اسان کي 20 ارب دالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مليو، جڏهن اسان آياسين ته مهانگائي عروج تي هئي، ان سان ملڪ ۾ غربت ۾ واڌ ٿي، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 20 ارب رپين کان گهٽ ٿي 10 ارب ڊالر تائين اچي ويا هئا ۽ اسان وٽ ذميواريون نڀائڻ لاءِ پيسا نه هئا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڏيوالي تي هئاسين، اهو سڀ اسان جي ڪري نه پر ملڪ جي اڳوڻي قيادت جي ڪري هو، 6 هزار ارب کان توهان 30 هزار ارب تي قرض ڇڏي هليا ويا، اسٽيٽ بينڪ کان 6 هزار ارب قرض ورتو ويو هو اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته گيس، بجلي ۽ ٻيا معاهدا اسان نه اسان کان پهرين حڪومت ڪري وئي، اسان کي وڏي بار کي منهن ڏيڻو پيو، پرائمري قرض ختم ٿي چڪو آهي ڇو ته اسان ڪفايت شعاري اختيار ڪئي، ناڻي جي مٽا سٽا ۾ ٽي سيڪڙو واڌ ٿي، اسان جي ريٽنگ بي ٿري ۾ هلي وئي، هن وقت اسان 5 هزار ارب رپيا قرض واپس ڪري چڪا آهيون جيڪي گذريل حڪومتن ورتا هئا. هن چيو ته وزير اعظم ملڪ جي پيءُ جيان هوندو آهي ۽ قوم هن جي ٻارن جيان هوندي آهي، جيڪڏهن منهنجا ٻار بک تي آهن علاج نٿا ڪرائي سگهن ته ڇا بادشاهه جيان رهندس؟ ڇا آئون پنهنجو خرچ گهٽ نه ڪندس؟ مون وزيراعظم جي اسٽاف مان 534 ماڻهن مان اڌ ڪري ڇڏيا، اسان اسٽاف کي وڌيڪ گهٽ ڪري سگهون ٿا پر ڪنهن کي بيروزگار به نٿا ڪرڻ چاهيون، پاڪ فوج به ٻيون ڀيرو پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا آهن. بجيٽ بابت وزير اعظم ٻڌايو ته اڏاوت جي صنعت ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ 30 ارب رپيا رکيا آهن، ڀاڻ جي اگهن تي رعايت ڏني آهي، زراعت جي لاءِ 50 ارب رکيا آهن، زراعت جي لاءِ چين جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي ناهي ڪئي، جيڪي گهر خريد نٿا ڪري سگهن انهن کي آسان شرطن تي قرض ملي سگهندا. وزير اعظم جو چوڻ هو ته پهرين 3 سالن ۾ 17 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ڪيو، اسان اسٽيٽ بينڪ کان ڪو قرض ناهي ورتو، جواب انهن کان گهريو وڃي جيڪي اهڙيون حالتون پيدا ڪري ويا، چون ته ائين ڄڻ اسان کي سوئٽزرلينڊ جي معيشت ملي هئي. تعليم جي حوالي سان وزير اعظم جو چوڻ هو ته تعليم واري وزير شفقت محمود کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، شفقت محمود تعليم جي شعبي ۾ اهم ڪم ڪيو جيڪي پهرين ڪڏهن ڪنهن ناهن ڪيا، ديني مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آندو پيو وڃي. پرڏيهي پاليسي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته حڪومت سڀ کان وڏي ڪاميابي پرڏيهي پاليسي ۾ آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏئي پاڪستان کي ذلت کڻڻي پئي، افغانستان ۾ آمريڪا ڪامياب نه ٿيو ته اِها ذميواري به پاڪستان تي مڙهي وئي، ايڊمرل ملن چيو هو ته پاڪستان جي اجازت سان ڊرون حملا ڪري رهيا آهيون، حڪومت پاڪستان پنهنجي ماڻهن سان ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائي.عمران خان جو چوڻ هو ته اسان امن ۾ شرڪت ڪنداسين جنگ ۾ شرڪت نه ڪنداسين، سخت موقف رکندڙ سينيٽرلنزي گراهم پي ٽي آءِ جي موقف جي حمايت ٿو ڪري ته مسئلي جو حل فوجي ناهي، اڄ ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کان درخواست پيو ڪري ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ مدد ڪئي وڃي، افغانستان ۾ امن ڳالهين ۾ پاڪستان جو وڏو هٿ آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ شرمساري جا 2 واقعا ٿيا، آمريڪا ايبٽ آباد ۾ اچي اسامه بن لادن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان واقعي جي ڪري سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي، ٻي شرمندگي پاڪستان ۾ ڊرون حملا ٿيا، اسان جا اتحادي پاڪستان ۾ اسامه کي مارن به ٿا ۽ اسان تي به تنقيد ٿا ڪن. سعودي عرب جي حوالي سان وزير اعظم جو چوڻ هو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا زبردست لاڳاپا آهن جڏهن ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ايران ۽ سعوديه اسان کي چيو ته ٻنهي جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ پاڪستان ڪوشش ڪري، ڪجهه ماڻهو سعودي عرب ۽ ايران ۾ تڪرار ٿا چاهن. ڀارت بابت عمران خان چيو ته نيويارڪ ويس ته گڏيل قومن ۾ راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه جو معاملو اٿاريو، گڏيل قومن ۾ ڀارتي چهرو بي نقاب ڪيو، پاڪستان جي ڪري دنيا والاريل ڪشمير جي صحيح صورتحال کي ڏٺو، منهنجي خيال ۾ ڪشمير جو معاملو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي. سندس چوڻ وه ته مودي سرڪار جي آئيڊيالاجي سان ڀارتي قوم پريشان آهي، ڀارت جي انتهاپسند حڪومت ۽ ٿنڪ ٽينڪس جو مقصد آهي پاڪستان کي سبق سيکاريو وڃي جڏهن ته مودي حڪومت کي پاڻ ڀارتي به عذاب ٿا سمجهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان کي پاڪستان جي رياست کي مديني واري رياست جي اصولن تي بيهارڻو آهي، حادثو ٿئي يا ڪورونا چيو ويندو آهي ته ڪٿي آهي مديني واري رياست، چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان احساس پروگرام سان غريب طبقي کي اٿارينداسين، جيڪو چين جي تجربي مان سکي سگهجي ٿو اُهو ڪنهن ٻئي مان نٿو سکي سگهجي.