وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي ملائيشيا روانو ٿيندو

اسلام آباد:-  وزيراعظم عمران خان 4 فيبروري تي ملائيشيا جي دوري لاءِ روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ ملائشيا جي دوري تي ويندو. جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيو وينديون.  وزيراعظم آفيس جي ترجمان موجب عمران خان جي ملائيشين هم منصب مهاتير محمد سان ون آن ون ملاقات ڪندو. وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊي جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي به خطاب ڪندو.  بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ تقويت ملندي. آگسٽ 2018ع تي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جو اهو ٻيو دورو هوندو.