وزيراعظم آئين، عدليه ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه، پر ڏنڊي جي حڪمراني هلي رهي آهي:اپوزيشن

اسلام آباد := سينيٽ جي اجلاس ۾ مچ سانحي تي  بحث دوران  اپوزيشن جي حڪومت مٿان ڇتي تنقيد، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته وزيراعظم آئين، عدليه ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه، پر ڏنڊي جي حڪمراني هلي رهي آهي، حڪمران ماڻهن کي بغاوت تي مجبور ڪري رهيا آهن، جي يو آءِ سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته سليڪٽرز جي اجازت ملڻ بعد وزيراعظم ڪوئيٽا ويندو، ملڪ کي بچائڻو آهي ته ڪٺ پُتلين ۽ چاپلوسن مان جان ڇڏائڻي پوندي.