ورلڊ ڪپ ٽي 20 لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو

لاهور :-  آءِ سي سي مينز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ٽي 20 لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو آهي.آءِ سي سي مينز ۽ وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ٽڪيٽن جي قيمت جي اعلان ۽ ان جي وڪري جي شروعاتي مرحلي جي شروعات ڪئي وئي آهي، پاڪستان سميت 10 ٽيمن تي ٻڌل وومينز ايونٽ 21 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو جنهن ۾ مجموعي طور تي 23 ميچون شيڊول آهن.دنيا جي 16 بهترين مينز ٽيمن جو ميلو 18 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين 8 مختلف جاين تي لڳندو، آءِ سي سي طرفان ٽڪيٽن جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 20 ڊالر رکي وئي آهي، ٻارن جي لاءِ اها پنج ڊالر هوندي، وومينز ايونٽ ڏسڻ جا خواهشمند اڄ آن لائن ٽيڪٽ بڪ ڪرائي سگهن ٿا جڏهن ته مين ايونٽ جي لاءِ پهريان رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 7 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.پاڪستاني مينز ٽيم پنهنجي مهم جي  شروعات 24 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ڪندي، پاڪستان ٻئين ميچ 28 آڪٽوبر تي ڪواليفائر ٽيم سان ان ئي گرائونڊ تي کيڏندي، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو جوڙ 31 آڪٽوبر تي برسبين ۾ پوندو، 3 نومبر تي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽميون ايڊليڊ اوول ۾ آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته 6 نومبر تي پاڪستاني ٽيم ڪواليفائر ٽو خلاف ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندي، فائنل 15 نومبر تي ميلبورن ۾ رکيو ويو آهي.