ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 32″هون سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس “جي ويبينار سلسلي جو ٻيو حصو منعقد ڪيو ويو

ويبينار جو عنوان هو، “سنڌ جون تڪليفون گڏيل جدوجهد جا مسئال، رڪاوٽون -حڪمت عمليون .”ويبينار ۾ ساڃه وندن پاران موضوع متعلق پنهنجا ويچار ,خيال ۽ تجزيا پيش ڪيا .ويبنيار جي ميزباني فرحان سومرو ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي انفرميشن سيڪريٽري ڪئيويبينار جي شروعات ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ورلڊ سنڌي ڪانگريس يو ڪي ۽ يورپ جي آرگنائيزر ڪئي .ڊاڪٽر ڀٽي چيو تہ سنڌ نهايت ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي جتي انساني حقن جي مسلسل لتاڙ روز جو معمول آهي ان کان سواء  تيزي سان وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، امن امان جي صورتحال نهايت ڳڻتي جوڳي آهي .سڄي ملڪ ۾ آرمي جو راڄ آهي  .سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن وچ ۾ نفرتون پکيڙي نسلي فساد ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، جيئن سنڌ ۾ رهندڙ مستقل باشندا پاڻ ۾ وڙهيل هجن  .هندستان مان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙن کي گذارش ڪنداسون تي سڀ ويڇا وساري سنڌ جيقومي مفادن الء گڏيل جدوجهد ۾ سنڌين جو .ساٿ ڏينويبنار جو ٻيو مقرر پروفيسر توصيف احمد خان هو .جيڪو پاڻ صحافي هئڻ سان گڏ فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽ، سائنس ۽ ٽيڪناالجي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو چئيرمين پڻ آهي .پروفيسر توصيف چيو تہ پاڪستان جي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ميڊيا تي رياست جو پورو ڪنٽرول آهي .ڏٺو وڃي تہ سر زمين تي ماڻهن سان جيڪو ظلم ,جبر ۽ انساني حقن جي مسلسل لتاڙ ٿي رهي آهي ان جو ذڪر اسان کي نام نهاد قومي تي پري جي ڳاله آهي پر ريجنل .ميڊيا تي بہ نہ ملندوننڍي کان ننڍي خبر بہ مالڪن جي حڪم کانسواء نٿي هلي سگهي  .هن چيو ته ضرورت ان ڳاله جي آهي ته سنڌ جي مستقل باشندن ۾ بنيادي ۽ حقيقي مسئلن جي ادراڪ ۽ انهن جي حل الء گڏيل جدوجهد  جي سوچ .پيدا ڪجيٽيون مقرر حارث خليق هو جيڪو اديب ۽ شاعر هئڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ آهي .هن چيو ته مجموعي طرح ڏٺو وڃي ته سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جي لتار ٿي رهيآهي جنهن ۾ سنڌ ، بلوچستان ، پختون سرائڪي ۽ پنجاب جا ڪجه عالئقا پڻ شامل،آهن .ڪشميرگلگت، بلتستان جو حالتون اوهان جي سامهون آهن .هي ملڪ جهموري نہ پر هڪ نوآبادياتي رياست آهي ۽ اهو نوآبادياتي رياست جو بحران آهي .ان جا ٽي مستقل ادارا بيوروڪريسي، عدليه ۽ فوج کيس برطانيه طرفان وراثت ۾ مليا آهن جنهن ۾ فوج سڀ کان طاقتور آهي .اهي ٽئي ادارا مستقل طور تي ٻين ادارن جهڙوڪ سياسي پارٽين، آزاد.ميڊيا ۽ سماجي ادارن سان ٽڪراء ۾ رهن ٿا هن وڌيڪ زور ڏيندي چيو تي موجوده پارليامينٽ جي ايتري به حيثيت ناهي جيتري انگريزن جي دور ۾ هئي .سنڌ سڀ کان.وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ڇاڪاڻ تي سنڌ قدرتي وسيلن سانماالمال آهي .جن تي انهن جو مستقل قبضو آهي .ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون سازشون 1947 کان ٿي رهيون آهن جنهن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ جناح بہ شامل هو .هاڻي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳاله اهي ڪري رهيا آهن جن کي اسٽبلشمينٽ نه صرف ٺاهيو پر سالن کان پاليندي پئي اچي ۽ اسٽبلشمينٽ سنڌ کي پنهنجي بيٺڪ ٺاهي ان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي .انڪري سنڌ جي تقسيم صرف هڪ شوشو نه پر حقيقي خطرو آهي .انڪري سنڌ جي قومي جدوجهد کي ٻين قومن جهڙوڪ بلوچ، پشتون، سرائيڪي ۽ پنجابين سان گڏجي هڪ اينٽي ڪالونيل تحريڪ هالئڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌاندر رهندر سڀني مقامي ماڻهن ۽ اسٽيڪ هولڊرس کي گڏجي گڏيل قومي بحث مباحثي کان پوء هڪ متفقه ايجندا تي ڪم ڪرڻ .گهرجيچوٿون مقرر سينيئر قومپرسٽ اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو چئيرمين خالق جوڻيجو هئو جنهن چيو ته اسان کي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کان عالوه اندروني مسئلن جي اونهائي کي به سمجهڻ گهرجي .سنڌ جي وحدانيت تي حملو ڪندڙ قوتن جي خالف سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندرن کي قومي تحريڪ ۾ آڻڻ الء سندن مسئلن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي سنڌ جي وحدانيت کيسيڪيولرزم ۽ رواداري جي بنياد تي بچائڻ الء اسان جو ساٿ ڏين .خالق جوڻيجو صالح ڏني ته سيو سنڌ جو پليٽ فارم موجود آهي جيڪو سالن کان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڪم ڪري رهيو آهي .ان کي مظبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي .هن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙ گهڻو ڪري شهري مڊل ڪالس سان واسطو رکن ٿا انهن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي سنڌ جي قومي تحريڪ جو .ساٿ ڏينويبنار جي پنجين مقرر فهيم زمان خان ,جيڪو هڪ سياستدان، اڳوڻو ميئر ۽ ايڊمنسٽيٽر ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي رهي چڪو آهي، چيو ته ڪراچيجي مسئلن جو بڻ بنياد بنا روڪ ٽوڪ جي ماڻهن جي هن شهر ڏانهن لڏپالڻ آهي جيڪا ملڪ جي ٻين حصن ۽ ٻين ملڪن کان به مستقل طور تي ٿيندي رهي ٿي .اسان وٽ سهولتون ۽ وسيال تمام گهٽ آهن .هن چيو (CPEC) پنجاب وارا دوست پريشان آهن تي جي آڙ ۾ چائنا اسان تي قبضو نه ڪري وڃي ٻئي پاسي سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتي تي . هڪ منصوبي تحت اقليت ۾ تبديل ڪرڻ الء هزارين مدرسا ٺاهيا ويا آهن اتي ڏکڻ پنجاب ۽ پختونخوا جي ماڻهن کي گهرائي آباد ڪرڻ جو سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن  .سنڌ جيڪا امن جي ڌرتي آهي ان ۾ مذهبي انتها پسندي جو ماحول ايتري حدتائين وڌي ويو آهي جو هندو نياڻين جو زبردستي مذهب بدالئي انهن جون مسلمانن سان زوري شاديون ڪري هندوئن الء ڌرتي .تنگ ڪئي پئي وڃيڇهون مقرر ناليوارو سياستدان، انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جو سرگرم اڳواڻ انٽرنيشنل هيومن رائٽس ڪائونسل جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر بصير نويد هئو جنهن هانگ ڪانگ کان ڳالهائيندي چيو اصل مسئلو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هلندڙ تضاد ۽ جهيڙو آهي  .هن زور ڏيندي چيو ته مسئلي جي پاڙ لياقت ۽ نهرو پيڪٽ هو جنهن کي پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ اسپانسر ڪيو .جيڪا سنڌجي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو.پاڪستان جي وسيلن جو  70 سيڪڙو آهي اهي ڄاڻي ٻجهي، هينئر هنگامي بنيادن تي تمام تيزي سان سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري رهيا آهن ان جو اثر سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن تي هڪ جيترو پوندو .اسان کي گڏجي حل تالش ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان .هن خطري کي ٽاري سگهونستون مقرر بلوچ هيومن رائٽس ڪميشن جو پريزيڊنٽ ۽ اديب ڊاڪٽرنصير دشتي هئو جنهن چيو تي اسان کي سنڌ جي موجوده مسئلن کي سمجهڻ سان گڏ بنيادي طرح اهوسمجهڻ نهايت ضروريآهي تي پاڪستان وجود ۾ ڪيئن آيو. برطانيا راڄ کي ننڍي کنڊ ۾ هڪ پراڪسي رياست ٺاهڻي هئي جنهن سان.انهن  جا دائمي مفاد هن خطي ۾ محفوظ رهن ملڪ جون واڳون پنهنجي وفادار فوجين کي ڏنيون، جن سان گڏ انهن جا پگهاردار مالن ۽ سندن جوڙيل بيوروڪريسي شامل هئا .انهن ئي الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو  .اتر انڊيا جي بيوروڪريسي الء 1947 کان اڳ ئي فيصلو ٿي چڪو هئو تہ انهن کي سنڌ جي ڪراچي شهر ۾ آباد ڪيو ويندو. پر نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ستر سال هن ڌرتي ۾ رهڻ کانپوء به هو پاڻ کي مهاجر سڏرائي رهيا آهن .هر دور ۾ هرحڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جي باجود بي اختياريء جا ڳوڙها ڳاڙهيندا رهيا آهن .سول حڪومتن کان عالوه پنجاب جي آرمي ۾ بہ برابر جا شريڪ آهن .پوئين ڪيترن سالن کان سنڌ جي حقن الء جاکوڙيندر قومي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ الء هر طرف.کان ڪيل حملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهن رياست تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌين سان گڏ ويهي سنڌ جي خودمختياريء الء گڏيل .جدوجهد ڪرڻي پوندي،ويبنار جو اٺون مقرر ڪرامت عليايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ۽ ايجوڪيشن ريسرچ هئو، جنهن چيو ته سنڌ جو اهم مسئلو ڊيموگرافي آهي تاريخ گواه آهي ته سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪيتريون ئي.خوفناڪ سازشون مسلسل ٿي رهيون آهن سنڌي ماڻهن کي خودمختياري ڏئي سندن حق حاڪميت تسليم ڪيو وڃي .صوبائي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ڏانهن بنا روڪ ٽوڪ واري لڏپالڻ کي روڪڻ الء اسيمبليء مان قانون پاس ڪري ان کي سختيء سان الڳو ڪري .ان سلسلي ۾ اردو ڳالهائيندرن .کي سنڌين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ويبنار جي آخر ۾ ورلڊ سنڌي ڪانفرنس جي چيئرپرسن ڊاڪٽر روبينا گرين ووڊ سڀني مقررن/مهمانن جا ٿورا مڃيا، جيڪي ذاتي مصروفيتن جي باوجود وقت ڪڍي هن ويبينارشامل ٿيا .ڊاڪٽر روبينا چيو ته اسان جا مسئال، لفظ ۽ لهجا ڀلي هڪٻئي کان مختلف ٿي.سگهن ٿا پر انهن کي پيدا ڪندڙ هڪ آهي انڪري ان کي منهن ڏيڻ الء اسان کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو .اسان شهرن ۾ رهون ٿا يا ٻهراڙين ۾ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ اسان سڀني الء هاڃيڪار آهي .سنڌهينئر جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي انهن جي حل الء اسان کي گڏجي ڊگهي ۽ اثرائتي جدوجهد جي شديت ضرورت آهي  .هيئنر سنڌ جي سون جهڙي زمين تي قبضو ڪري بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جهڙيون اسڪيمون ٺاهيون پيون وڃن .سنڌ ۽ بلوچستان جي 1200 ڪلوميٽر ڪوسٽل پٽي ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪري نوان شهر اڏي رهيا آهن  .سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون مسلسل ٿي رهيون آهن .سنڌو دريا تي ڊئم ٺاهي سنڌ کي سڪايو پيو وڃي  .انساني حقن جي لتاڙ انتها تي پهچي وئي آهي، عورتون، ٻار ۽ ٻڍا به گهٽين تہ ڇا پر گهرن ۾ به محفوظ ناهن، سنڌي هندوئن جا گهر ۽ ننگ غيرمحفوظ آهن .سنڌ جي باشعور، سياسي سماجي ڌرين کي گذارش آهي تہ سنڌ جي بقا ۽ وحدانيت الء گڏجي مضبوط، ڊگهي ۽ اڙانگي .جدوجهد لاءِ هڪ هنڌ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندوآخر ۾ سڀني مقررن پاران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو تہ گڏيل جدوجهد جي حڪمت عملي جوڙي ويندي